Friday , March 29 2024

وزيراعظم نواز شريف جي ويجهي ۽ بااعتماد ساٿي اڳوڻي سينٽر سيف الرحمان جي ٻڌو..؟؟

Shabaz & Nawazsaif rehman 01

وزيراعظم نواز شريف جي انتهائي ويجهي ساٿي سيف الرحمان جو حلفيه بيان سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ هن تسليم ڪيو آهي ته پرڏيهه رقم اماڻڻ جو هو نه صرف اکين ڏٺو شاهد آهي پر هڪ سهولتڪار طور به بئنڪ اڪائونٽ هولڊر جي غيرقانوني مدد ڪندو رهيو آهي، حلفيه بيان ۾ هن چيو ته هو حبيب بئنڪ مال روڊ امپورٽ ڊپارٽمينٽ ۾ مقرر هو ته ان دوران عروج ٽيڪسٽائل ۽ چنار شگر ملز جو ڪرتا ڌرتا جاويد ڪياني آيو، جنهن چيو ته هو ٻن ملن جي حساب ڪتاب جي نگراني ڪري ٿو، بئنڪ ۾ اڪائونٽ کوليو وڃي، جنهن بعد سندس درخواست تي ٽن ماڻهن جا نالا مون لکيا، ٻئي ڏينهن جاويد ڪياني کي فون ذريعي چيو ته ڪنهن ماڻهو کي موڪليو فارم کڻي وڃي، جنهن تي جاويد ڪياني انهن ماڻهن کي موڪليو، جن جا نالا لکيا هئا، اهي فارم وٺي ويا، بئنڪ مئنيجر جي منظوري کانپوءِ اصغر نالي شخص جو اڪائونٽ نمبر 106578 ۽ سليمان جو اڪائونٽ نمبر 106561 کوليو ويو، سيف الرحمان انڪشاف ڪيو ته ڄاڻايل اڪائونٽ هولڊر جي فارمن تي جاويد ڪياني جي چوڻ ته لکيو ويو هو ته انهن سان ڪا به خط ڪتابت نه ڪئي ويندي، سيف الرحمان پنهنجي حلفيه بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سموري رقم جي ٽرانزيڪشن جاويد ڪياني نالي شخص جي ذريعي ٿيندي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي چوڻ تي اڪائونٽ کوليو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *