Saturday , April 20 2024

وزيراعظم نواز شريف اڄ جيڪب آباد پهچي رهيو آهي، پنڊال ۾ 20 هزار ڪرسيون، سيڪيورٽي لاءِ 20 هزار اهلڪار…!!

 nawaz sharif 2

وزير اعظم نواز شريف سنڌ جي دورن جو تسلسل جاري رکندي اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي جيڪب آباد پهچي رهيو آهي، جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. وزيراعظم جي جلسي لاءِ جيڪب آباد شهر ڀرسان نمائش گرائونڊ تي پنڊال تيار ڪيو ويو آهي، جتي سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

وزير اعظم نواز شريف مسلم ليگ نواز سنڌ جي اڳواڻ اسل ابڙو جي دعوت تي جيڪب آباد اچي رهيو آهي، جتي هو عوامي جلسي کي خطاب ڪندو.

 ان سلسلي ۾ ن ليگ سنڌ جي اڳواڻ شاهه محمد شاهه ۽ اطلاعات واري شعبي سان لاڳاپيل خالد شيخ سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر انهن فون اٽينڊ نه ٿيا.

وزيراعظم جي جيڪب آباد واري دوري بابت مقامي انتظاميا کان مليل ڄاڻ موجب ، نوازشريف اڄ شام جو 3 پڳي جيڪب آباد پهچندو، جتي هُو پهريا پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪري پارٽي جي معاملن تي ڳالهائيندو، جنهن بعد 4 وڳي کانپوءِ  نمائش گرائونڊ تي رٿيل جلسي کي خطاب ڪندو.

Jacobabad ground 1

جيڪب آباد جو نمائش گرائونڊ

مليل ڄاڻ موجب وزير اعظم نواز شريف جي جيڪب آباد واري دوري لاءِ رينجرز ۽ پوليس جا 18 هزارن کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن لاءِ سنڌ جي مختلف ضلعن مان پوليس اهلڪار ۽ رينجرز جا جوان جيڪب آباد پهچي ويا آهن.

جلسي بابت مليل ڄاڻ موجب  وزير اعظم نمائش گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندو جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پنڊال ۾ گرمي کان بچڻ لاءِ اسٽيج ۽ وي آءِ پي مهمانن واري حصي کي ٿڌو رکڻ لاءِ ايئرڪولرز جو به خاص بندوبست ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  باقي جلسي گاهه ۾ مختصر تعداد ۾ پکا رکيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *