Friday , March 29 2024

وزيراعظم عمران خان ڀنگ پوکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزارت جي تجويز تي ملڪ ۾ ڀنگ پوکڻ جي اجازت ملي وئي، قانون سازي جي تياري

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي ڪابينا سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ ڀنگ پوکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس  ۾ ٻين ايجنڊائن سان گڏ ملڪ ۾ ڀنگ پوکڻ جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ واري معاملي تي به غور ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڀنگ جي پوکي واري معاملي تي غور ويچار ۽ وزيراعظم عمران خان جي منظوري بعد سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي جي هڪ هڪ علائقي / تعلقي ۾ ڀنگ پوکڻ جي مشروط اجازت ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اهڙي اجازت سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي واري وزارت پاران پيش ڪيل تجويز جنهن کي ڪابينا جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو هو ان تي غور کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته طبي ۽ صنعتي استعمال جي لاءِ  ڀنگ جي پوکي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن لاءِ آبادگارن کي لائسنس وٺڻو پوندو، ڪابينا جي فيصلي کانپوءِ ڀنگ جي پوکي جي اجازت ڏيڻ بابت قانوني سازي ڪري اينٽي نارڪوٽيڪس جي قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *