Saturday , April 20 2024

وزيراعظم عمران خان اساما بن لادن کي شهيد قرار ڏئي ڇڏيو

“ اسان جي اتحادي اسان جي ملڪ ۾ اچي اساما بن لادن کي شهيد ڪري ڇڏيو ”: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) مونکي شرمندگي ٿيندي آهي ته جڏهن اهو ٻڌو هو ته اساما بن لادن کي شهيد ڪيو ويو، سڄي دنيا ۾ پاڪستانين جي بي عزتي ٿي، قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي، چيو ته، ڪجهه موقعن تي مونکي شرمندگي ٿي، هڪ ته جڏهن، اساما بن لادن کي شهيد ڪيو ڪيو ويو، اسان جي هڪ اتحادي پاڪستان ۾ اچي اساما بن لاد کي شهيد ڪري هليو ويو ۽ اسان کي ٻڌايو به ڪو نه. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻهر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڪرونا جي حوالي سان ايندڙ وقت انتهائي ڏکيو آهي، جيڪڏهن اسان احتياط نه ڪيو ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو.

عمران خان چيو ته ملڪ جو پيءُ ۽ قوم اُن جيَ اولاد جيان هوندي آهي، ٻچا بُک مرن ته والد قرض وٺڻ ۾ ڇو شرم محسوس ڪندو؟ حڪومت سوڌو سڄي ملڪ پنهنجو خرچ گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ته پاڪ فوج به پنهنجا خرچ گهٽائي ڇڏيا. پاڪستاني حڪومت کانسواءِ باقي سڄي دنيا جون حڪومتون ڪورونا ۾ مونجهاري جو شڪار هيون، احتياط نه ڪيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جو ايندڙ مرحلو تمام گهڻو خطرناڪ هوندو ۽ اسپتالون بار برداشت نه ڪري سگهنديون. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب طبقي کي بچائڻ لاءِ هو لاڪ ڊائون نه ڪري ها پر مٿس صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي ڪابينا جو دٻاءُ هو. وزيراعظم چيو آهي ته عوام کي ڪورونا سان گڏ بُک کان به بچائڻو آهي، ايس او پيز تحت سياحت کي به کولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جو امير ترين ملڪ آمريڪا به لاڪ ڊائون ختم ڪري رهيو آهي، اسان وٽ ٻه رستا آهن، جيڪڏهن اسان احيتاط ڪري وياسين ته اسان جي صحت جو نظام برداشت ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن بي احتياطي ڪئي ته پوءِ هر روز رپورٽس اچي رهيون آهن، پر هي مهينو گذاري وياسين ته اسان وبا جي اثرن کان بچي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ وبا جي حوالي سان تمام اهم آهن، ايوان ۾ موجود سڀني جي ذميواري آهي ته ماڻهن کي ٻڌائن ته ڪيترو ضروري آهي ته بزرگن، بيمارن ۽ وڌيڪ حساس ماڻهن جو خيال رکڻو ضروري آهي. عمران خان سوال ڪيو ته هن جي ڪهڙي بيان ۾ تضاد هو، هو هميشه اهوئي چوندو رهيو آهي ته اسان جي ملڪ جي آبادي سنگاپور جهڙي هجي ها ته لاڪ ڊائون تي عمل ڪجي ها.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *