Thursday , March 28 2024

وزيراعظم جي حلف برداري تقريب، پي ٽي آءِ پاران سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي دعوت

اسلام آباد ( سنڌ سماءَ چار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف عمران خان جي وزيراعظم طور حلف کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ پيپلزپارٽي، نون ليگ، ايم ڪيو ايم، بي اين پي ۽ ٻين جماعتن کي دعوت ڏئي ڇڏي، فواد چوڌري چيو آهي ته اميد آهي ته حلف برداري تقريب ۾ سمورا سياسي اڳواڻ شرڪت ڪندا، چونڊن بابت شڪايتن جي ازالي لاءِ اپوزيشن جيڪي به تجويزون ڏينديون انهن تي عمل ڪنداسين، عمران خان قومي مسئلن تي سمورين اپوزيشن جماعتن کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿو.

پ پ اڳواڻ سان ملاقات بعد اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته سمورين پارٽي اڳواڻن سان ملاقات دوران پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ بابت ڳالهيون ٿيون آهن. هن چيو ته اسان ايم ايم اي سميت سمورين جماعتن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا، چونڊن بابت شڪايتن تي اپوزيشن جيڪي تجويزون ڏيندي اسان ان کي اڳتي کڻي هلنداسين. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن جماعتن جي تجويزن تي ضرور غور ڪنداسين، اسان اپوزيشن جي صلاح مشوري سان اڳتي وڌنداسين. پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ هو ته اسپيڪر اياز صادق سان به سٺي ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، ملاقات سان ئي سهڪار جو هڪ نئون رستو نڪرندو. هن چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز درپيش آهن، ان لاءِ به گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. فواد چوڌري چيو ته اسان ملڪ کي درپيش چئلينجز لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اپوزيشن سان ملاقات جو مقصد سندن حمايت حاصل ڪرڻ هو. پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌري چيو ته دنيا عمران خان کي عالمي سطح جي ليڊر طور ڏسي رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *