Friday , March 29 2024

وزيراعظم جي بني گالا وارو گهر قانوني اجازت بنا ٺاهيو ويو

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان جو بني گالا واري گهر جي ملڪيت بلڪل صحيح ۽ قانوني آهي پر ان جي اڏاوت نقشي جي منظوري کانسواءِ ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ راول ڊيم ۾ گند ڪچرو اڇلائڻ ۽ ماحولياتي آلودگي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته،بني گالا ۾ غير قانوني اڏاوتون به ماحولياتي گدلاڻ جو مک ڪارڻ آهن. شنوائي دوران وزيراعظم جي وڪيل بابر اعوڻاڻ چيو ته، عمران خان کي سي ڊي اي پاران نوٽيس ملي ويو آهي، جنهن جو جواب سي ڊي وٽ 15 ڏينهن اندر داخل ڪرائينداسين. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته، اوهان جي مؤڪل جي گهر واري ملڪيت درست آهي، اهو جيڪو گهر ٺهرايو ويو ان جي اڏاوت لاءِ نقشو منظور نه ڪرايو ويو، سي ڊي اي وٽ به اوهان اهو ئي مبهم نقشو رپورٽ سان گڏ جمع ڪرائيندا. اوهان جي گهر جو نقشو ڪنهن به اداري جي منظوري کانسواءِ ٺاهيو ويو ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيون اڏاوتون به بنا منظوري جي ٺاهيون ويون آهن. چيف جسٽس چيو ته اوهان جيڪو نقشو ان اداري وٽ جمع ڪرايو اهو عدالت ۾ پيش ڪجو. اوهان اقتدار ۾ آهيو انڪري اوهان تي اها ذ۾يواري لاڳو ٿئي ٿي ته سڀ کان پهريان سي ڊي جون سموريون رهتون ۽ ريگيولرائيزيشن فيس جمع ڪرايو ۽ پکوءِ ٻِيا ماڻهو جمع ڪرائين.

ان کان پهريان ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ( سي ڊي اي) شعبي وزير اعظم عمران خان کي بني گالا جي گهر ۾ غير قانوني اڏاوتن تي نوٽيس جاري ڪري چڪو آهي. وزير اعظم جي گهر جي سيڪيورٽي اسٽاف نوٽس وصول ڪيا. ذريعن موجب سي ڊي اي بلنڊگ ڪنٽرول جي انسپيڪٽر آصف زيدي نوٽيس موڪليا. وزير اعظم کي غير قانوني اڏاوتون ڪيرائڻ يا ڏنڊ ادا ڪرڻ جي لاءِ ٻن هفتن جي مهلت ڏني وئي آهي. نوٽيس سي ڊي اي آرڊيننس 1960 جي قلم 46 ۽ 64-c ون جي تحت جاري ڪيا ويا آهن. نوٽيس ۾ سمورن مالڪن کي غير قانوني اڏاوتون ختم ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن جو وقت ڏنو ويو آهي.

بحريا ٽائون کي زمين چاندي جي اگهه تي سون ڏيڻ برابر آهي: سپريم ڪورٽ

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *