Saturday , April 20 2024

وزيراعظم اعظم صاحب! ڪرونا جي پرڏيهي فنڊز مان سنڌ کي ته ٽڪو به ناهي مليو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪرونا جي پرڏيهي فنڊز مان سنڌ کي ته ٽڪو به ناهي مليو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي وفاقي حڪومت ڪرونا لاڪ ڊائون دوران پرڏيهي ادارن پاران مليل فنڊز مان سنڌ کي حصو ن اهي ڏنو، وزيراعظم صاحب! اوهانکي گهرجي ته صوبن کي گڏ کڻي هلو، وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار جي ڪا به مدد ناهي ڪئي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊاڪٽرز پنهنجون حياتيون خطري ۾ وجهي ڪرونا جو مقابلو ڪري رهيا آهن، هن وقت سياسي اختلاف پري رکي ڪورونا سان جنگ وڙهڻي آهي، وزير اعظم کي اندازو ئي ناهي ته توهان جي بيان جو ڪهڙو اثر ٿيندو آهي. بلاول چيو ته جيڪو سنڌ جو وڏو وزير ڪرونا خلاف ڪم ڪري رهيو آهي ان خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ واويلا ڪري رهيا آهن، پر جنهن وڏي وزير کي اها به خبر ناهي ته ڪرونا ڇا آهي ۽ پڇندو آهي ته ڪرونا چڪ ڪيئن پائيندو آهي ان کان ته ڪير به پڇڻ وارو ناهي. هن چيو تج ڪرونا پورهيت طبقي کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، ڪير به ذميواري نڀائڻ لاءِ تيار ناهي، عمران خان صرف اسلام آباد جو وزيراعظم ناهي، 9 ڊاڪٽر ڪورونا سان وڙهندي شهيد ٿيا. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته غريبن جي ڳالهه ڪندڙ وزيراعظم غريبن کان ڳڀو کسي ڇڏيو، وفاقي حڪومت هن وقت تائين غريبن لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ حڪومت ڏهاڙيدارن کي هن وقت تائين هڪ رپيو به ناهي ڏنو وفاقي حڪومت کي پنهنجي ذميواري کڻڻي پوندي، وفاقي حڪومت نالائقي سان صوبائي حڪومتن کي نقصان پهچايو، وفاقي حڪومت اسان جي هر ڪوشش کي نقصان پهچايو آهي، هُن چيو ته ڪورونا ۾ سڀ کان متاثر ڏهاڙي ڪمائيندڙ متاثر ٿيو آهي، طبي عملي جا 400 ماڻهو ڪورونا سبب متاثر ٿيا آهن، وزيراعظم کي اندازو ئي ناهي ته سندس بيانن جو ڪيترو اثر ٿئي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *