Friday , March 29 2024

وزيراعظم،مملڪتي وزير، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن جي نوٽيس وٺڻ باوجود 2سنڌي نياڻيون آزاد نه ٿيون

گهوٽڪي (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان، مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن مراد علي شاهه ۽ عثامان بوزدار پاران نوٽيسز وٺڻ باوجود ڏهرڪي مان اغوا بعد زبردستي مذهب تبديل ڪرايل 2 سنڌي نياڻيون بازياب ٿي ناهن سگهيون، وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته رينا ۽ روينا کي گجرانوالا منتقل ڪيو ويو آهي، کين بازياب ڪرائي وٺنداسين. ڏهرڪي مان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڪري پنجاب جي شهر خانپور منتقل ڪري زبردستي مذهب تبديل ڪرائي شادي ڪرائي وئي هئي. ڏهرڪي مان اغوا ڪيل ٻن سنڌي نياڻين جي اغوا بعد مذهب تبديل ڪرائڻ وارو معاملو سوشل ميڊيا تي زور شور سان اچڻ بعد نيٺ وزيراعظم عمران خان نوٽيس ورتو، وزاعظم سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن کي هدايت ڪئي ته رينا ۽ روينا کي فوري طور تي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان جي نوٽيس وٺڻ بعد مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي، پنجاب ۽ سنڌ جي وڏن وزيرن عثمان بوزرداري ۽ مراد علي شاهه به معاملي جو نوٽيس ورتو، جنهن کي لڳ ڀڳ 24 ڪلاڪ گذري ويا آهن پر اغوا ڪيل ٻ ه ڀينر روينا ۽ رينا کي پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ڪو به ادارو هٿ ڪري نه سگهيو آهي.

ڏهرڪي مان اغوا بعد زبردستي مذهب تبديل ڪرائي شادي ڪرايل رينا ۽ روينا

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *