Tuesday , April 23 2024

وحشت ۽ انساني حوس جو کاڄ بڻجي ويل ثمينا سنڌو

مارجي ويل فنڪارا ثمينا سنڌو جي حياتي جي تصوير

لاڙڪاڻو( رپورٽر سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي ۾ شادي تقريب ۾ فن جو مظاهرو ڪرڻ دوران فنڪارا ثمينا سنڌومارجي وئي، پوليس مک جوابدار طارق جتوئي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس بااثر جوابدار کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ جنبي وئي آهي.هڪ وڊيو به منظر تي اچي وئي آهي، جنهن ۾ تقريب ۾ ثمينا سنڌو ويهي ڳائي رهي هئي ته کيس بيهي ڳائڻ لاءِ چيو ويو، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو جوابدارن بدران سازندي کي گرفتار ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو، فنڪارا جي قتل خلاف فنڪارن مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن، پوليس ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڪنگا ٿاڻي جي حد ۾ گذريل ڏينهن فن جو مظاهرو ڪرڻ دوران فنڪارا ثمينا سنڌو جي قتل جي وڊيو منظر تي اچي وئي آهي جنهن ۾ گوليون لڳڻ بعد ثمينا سنڌو اسٽيج تي ڪرندي نظر اچي رهي آهي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ثمينا سنڌو 6 مهينن جي ڳورهاري هئڻ سبب شادي تقريب ۾ ويهي ڳائي رهي هئي ته کيس بيهي ڳائڻ لاءِ چيو ويو، جنهن بعد ثمينا بيهي ڳائڻ شروع ڪيو ته جوابدار جي فائر ڪيل گولين جو کاڄ بڻجي وئي. ثمينا سنڌو کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو.

فنڪارا ثمينا سنڌو جي وحشياڻي قتل کانپوءِ لاڙڪاڻي پوليس جو شرمناڪ ڪردار سامهون آيو، جنهن ۾ واقعي بعد پوليس جوابدار بدران مقتول ثمينا سنڌو جي هڪ سازندي کي گرفتار ڪري ورتو. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو تنوير تنيو سازندي کي گرفتار ڪرڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ڪنگا ٿاڻي جي ايس ايڇ او لياقت کڄڙ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ واقعي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي لياقت عباسي جي اڳواڻيءَ ۾ جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. پوليس شادي تقريب ۾ فائرنگ ڪندڙ جوابدار طارق جتوئي سميت ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم ناهن لڳايا ويا، جڏهن ته مک جوابدار طارق جتوئي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي فنڪارا ثمينا سنڌو جي قتل خلاف حيدرآباد، سکر، دادو، ٽنڊو محمد خان، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ فنڪارن احتجاجي مظاهرا ڪيا. احتجاج ڪندڙ فنڪارن قتل ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم نه لڳائڻ تي اچرج جو اظهار ڪيو آهي. هنن چيو ته ثمينا سنڌو کي قتل ڪندڙ جوابدار بااثر آهن، پوليس فنڪارا جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي گهڻ رخي جاچ ڪرائي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *