Thursday , April 25 2024

وحشتن جي نه پڄاڻي آ، ماءُ ۽ ڏاڏو ٻن معصوم ٻارڙن جا قاتل بڻجي ويا

ٻن معصوم ٻارڙن کي سندن ڏاڏي ويرو ۽ ٻارڙن جي ماءُ لاڏوڻي ڪُهي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار ويرو پنهنجي نُهن کي به قتل جي ڪوشش ڪئي:پوليس جي دعويٰ

نواب شاهه (رپورٽر   سنڌسماءَچار) بي رحم جوابدار نوابشاهه جي بي سيڪشڻ ٿاڻي جي حد واري علائقي ۾ ٻن معصوم ٻارڙن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير حسين تنيو ڊي ايس پي آفيس نوابشاهه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ بيدردي سان قتل ٿيل 10 سالن جو گيلو ۽ 6 سالن جي چندا جي قتل ڪيس ۾ سندن ڏاڏو ويرو ۽ ٻارڙن جي ماء لاڏوڻي ملوث آهن، جوابدار ويرو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، زخمي عورت لاڏوڻي به زخمي آهي جنهن کي ڳڻتي جوڳي  حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي کيس آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو آهي. تنوير تنيو چيو ته، ابتدائي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته، ٻارڙن جي ماء لاڏوڻي ۽ سندس سهري ويرو جا ڪافي عرصي ناجائز لاڳاپا هئا. ايس ايس پي تنوير تنيو موجب اربع تي هنن ٻنهي اعتراض جوڳي حالت ۾ جوابدار جي پوٽَي 10 سالن جي گيلو پنهنجي ماء ۽ ڏاڏي کي ڏسي ورتو هو، جنهن کان پوء ٻارڙن جي ماء لاڏوڻي ۽ ڏاڏي ويرو ٻنهي گڏجي ٻارن جا ڳلا ڪپي قتل ڪيو. ايس ايس پي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، جوابدار ويرو ٻارڙن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ جي نيت خراب ٿي ۽ هن پنهنجي نُهن لاڏوڻي کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ، جنهن تي لاڏوڻي مزحمت ڪئي ته 15 پوليس پهچي وئي جنهن عورت لاڏوڻي کي زخمي حالت ۽ ويرو کي گرفتار ڪيو جتي ويرو. پوليس موجب جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته سندس پنهنجي ئي نهن سان ناجائز تعلقات هئا ۽ اڄ اسان اعتراض جوڳي حالت ۾ هئا سين ته اسان کي 10 سالن جي گيلو ۽ چندا ڏسي ورتو جنهن کان پوء اسان ٻنهي گڏجي ٻارڙن کي قتل ڪيو. پوليس موجب جوابدار اعتراف ڪندي چيو آهي ته، بارڙن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پنهجي نهن کي به قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ايس ايس پي تنوير تنيو چيو ته هن واقعي ۾ ٻئي جوابدار قاتل آهن ۽ سندن خلاف ڪيس داخل ڪري رهيا آهيون انهي موقعي تي ڊي ايس پي سٽي مبين پرهياڙ ايس ايڇ او بي سيڪشن رشيد ميمڻ به موجود هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *