Friday , April 19 2024

واٽر ڪميشن پاران چيف سيڪريٽري کي برساتي نالا صاف ڪرڻ لاءِ رقم جاري ڪرڻ جي هدايت

ڪرراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) واٽر ڪميشن سربراهه، ڪراچي جي  ميئر کي جلد نالن جي صفائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري کي اڄ ئي رقم جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن جي ڪارروائي ٿي، ميئر ۽ چيف سيڪريٽري سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا. ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم چيو ته ڪي ڊي اي وٽ نالن جون جيڪي اسڪيمون آهن اهي سنڌ حڪومت کي ڏنيون وڃن، اسان کي هڪ مهيني کان بيوقوف بڻايو پيو وڃي. چيف سيڪريٽري چيو ته سڀاڻي تائين ڪي ايم سي کي 500 ملين رپيا فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته گجر نالي سميت ٻيون اسڪيمون ڪي ايم سي کي ٽرانسفر ڪري رهيا آهيون. مڪاني کاتي جي سيڪريٽري چيو ته ڪميشن جي حڪم تي اسان روڊ ٺاهڻ جي اجازت ڏئي رڪاوٽون ختم ڪيون آهن. واٽر ڪميشن سربراهه چيو ته هڪ غير سرڪاري تنطيم شهر ۾ بيوٽيفڪيشن ۽ سيوريج جي ڪم جو واعدو ڪيو هو، جيڪڏهن ڪي ايم سي هي ڪم ڪري ڇڏي ته سماجي تنظيم لاءِ ڇا ڪم رهجي سگهي ٿو؟.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *