Friday , March 29 2024

واٽر ڪميشن سربراهه پاران حيدر آباد جي مختلف پاڻي منصوبن جو دورو

حيدر آباد( رپورٽر     سنڌ سماءَ چار) سپريم ڪورٽ  پاران قائم ڪيل واٽر ڪميشن جي سربراهه رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم حيدرآباد جي فلٽر پلانٽس جو دورو ڪندي حڪم جاري ڪيو آهي ته سموري سنڌ ۾ سروس اسٽيشن جي لاءِ سنڌ حڪومت  پاليسي جوڙي ۽ سروس اسٽيشن تي پاڻي جي فراهمي جي لاءِ فيلو ميٽر لڳايا وڃن. واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم لطيف آباد نمبر چار فلٽر پلانٽ  جو دورو ڪيو.فلٽر پلانٽ 2009 ۾ ضلعي حڪومت ٺاهيو هو،جنهن کي 2011 تائين هلايو ويو.ان کانپوءِ واٽر پلانٽ واسا جي تحويل ۾ ڏنو ويو ۽ فلٽر پلانٽ جي مرمت نه ڪئي وئي آهي. واٽر ڪميشن جي سربراهه واسا جي ايم ڊي کان معلوم ڪيو ته لطيف آباد نمبر چار فلٽر پلانٽ جي مشينري ۽ پمپس ڪيڏانهن ويا. واسا جي ايم ڊي  ٻڌايو ته مشينري ۽ پمپس ايمرجنسي ۾ ٻين جاين تي لڳايا ويا.ڪميشن جي سربراهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٽن ڏينهن اندر رپورٽ ڏيو ته مشينري ڪيڏانهن وئي. پاڻي جي ماهر ڊاڪٽر احسن صديقي ،واٽر ڪميشن کي ٻڌايو ته سنڌو درياءَ جي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه هجڻ جي باوجود سروس اسٽيشنين کي پاڻي جي فراهمي جاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *