Saturday , April 20 2024

والد فوت ٿي ويو، پوءِ به ايف بي آر گهر ٻاهران نوٽيس چنبڙائي تذليل ڪئي: قاضي سرينا فائز عيسيٰ

وايف بي آر جي عمارت اندر منهنجي رڪارڊ ڪئي، هاڻي مان پنهنجي پڳل ڄنگهه ۽ ميٽل پليٽ اسڪريو جو ايڪسري به منظر تي آڻينديس:سرينا فائز

والد فوت ٿي ويو، پوءِ به ايف بي آر گهر ٻاهران نوٽيس چنبڙائي تذليل ڪئي: قاضي سرينا فائز عيسيٰ

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار ) سڪورٽ جي جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري سرينا فائز چيو آهي ته ايف بي آر عملدار نوٽيس ڏيڻ آيا ته کين ٻڌايو ته منهنجو والد گذاري ويو آهي، ان جي باوجود به انهن نوٽيس منهنجي گهر ٻاهران چنبڙائي تضحيڪ ڪئي، مون کي هاڻي به خطرناڪ ڌمڪيون ملي رهيون آهن. سيرينا قاضي فائز عيسيٰ ايف بي آر آڏو بيان قلمبند ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا ۾ جاري ڪيل پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته، “ مونکي مسلسل هيسايو پيو ۽ منهنجي تضحيڪ ڪئي پئي وڃي، جيتوڻيڪ مان پنهنجي خلاف ٿيندڙ ڪوڙي ۽ بي بنياد واويلا کي منهن به ڏئي رهي آهيان”. سرينا يعني زرينا ( اسپينش ٻولي ۾ زرينا کي سرينا چيو ويندو آهي) پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته، هن 25هين جولاءِ تي ايف بي آر جو نوٽيس وصول نه ڪيو ڇو ته ان ئي ڏينهن منهنجو والد فوت ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ نوٽيس منهنجي گهر ٻاهران دروازي تي چنبڙايو ويو، جيئن گهر ايندڙ مهماننن، پاڙيسرين ۽ ملازمن آڏو منهنجي تذليل ٿئي. هن چيو ته نائين جولاءِ تي ايف بي آر وٽ پنهنجو بيان جمع ڪرائڻ وئي هئس، ايف بي آر جي عمارت اندر منهنجي وڊيو ٺاهي وئي، ان کانپوءِ ميڊيا ۾ اهو هلايو ويو ته مان ڇڙي _ لٺ سان تيزي سان هلي رهي آهيان جنهن مان ثابت ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جهڙوڪ مان ڏيکاءُ ڪري رهي آهيان. سرينا عيسيٰ پنهنجي بيان ۾ چيو ته، هاڻي مان پنهنجي ڀڳل ڄنگهه، کان ڪُلهي تائين پيل “ ميٽل پليٽ اسڪريو” وارو ايڪسري به سامهون آڻينديس سڀڪو ڏسي ته ڇا مان لٺ کڻي هلڻ جو ڪو ڏيکاءُ ڪري رهي هئس يا ان جي ڪا مجبوري هئي، جيئن منهنجي خلاف هلندڙ لٺ واري واويلا جي نفي ٿي سگهي، هن چيو ته اهڙن هٿ ناٽن سان مونکي تمام گهڻي تڪليف ٿي آهي.  جسٽس قاضي فائزعيسيٰ جي گهر واري پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته، ايف بي آر وٽ جيڪو بيان رڪارڊ ڪرايو ان کي بنياد بڻائي ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ڪيون ويون جيڪو مون چيون ئي نه هيون. سرينا قاضي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته، منهنجي بيان سان منسوب ڪيل کوڙ ساريون ڳالهيون آهن انڪري ان بابت به هن بيان ۾ وضاحت ڪرڻ کانسواءِ ڪو به دڳ نه هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *