Friday , March 29 2024

والاريل ڪشمير۾ ڀارتي بربريت جي مذمت ڪيون ٿا: آرمي چيف

راولپنڊي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو  آهي ته، گڏيل قومن جي ٺهراءَ مطابق والاريل ڪشميرين جي حق خود ارداي تسليم ڪيو وڃي، ڪشميرين تي ڀارتي بربريت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت ڪشميري عوام جي حق خوداراديت کي ظلمن ذريعي دٻائي نٿو سگهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور طرفان جاري بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز طرفان معصوم عوام تي ظلمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلمن جي ذريعي اتان جي عوام جي حق خوداراديت جي جاري سياسي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهي. جنرل قمر جاويد باجوه والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي بربريت ۽ لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي سيز فائر جي ڀڃڪڙي ۽ عام شهرين کي نشانو بڻائڻ جي به سخت مذمت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *