Friday , March 29 2024

وارهه ۾ جوابدارن ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(رپورٽر  سنڌسماءَچار) وارهه جي شاهي بازار ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، سرعام فائرنگ سبب شهر ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي. شهر جي شاهي بازار ۾ هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا جاني ٻرڙو ۽ گدا حسين چانڊيو ٿڏي تي مارجي ويا. هٿيار بندن جي سرعام فائرنگ سبب بازار ۾ موجود ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته واقعي سبب شهر ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد تعلقه اسپتال وارهه منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

آءِ جي سنڌ جو لاڙڪاڻي ڊويزن جو دورو، امن نه ٿيو، مدئجي ۾ برادري دهشتگردي 4 ڄڻا قتل

شڪارپور(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي  امن امان قائم رکڻ لاءِ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *