Friday , March 29 2024

وارهه شهر ۾ بااثر ڏوهارين جو راڄ،سنڌپوليس لاچار بڻيل؛ بيوهه عورت اجهو ڇڏي وئي

لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ پوليس وارهه شهر ۾ 3 هفتا اڳ گهر مان ڌاڙي دوران مزاحمت تي ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن سڳن ڀائرن جي قتل ڪيس ۾ نامزد طاقتور جوابدارن جي ڌمڪين سبب بيوهه عورت نيٺ شهر ڇڏي وئي. آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر به بااثر جوابدارن آڏو لاچار بڻجي وئي آهي. ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ پنهنجي ئي گهر اندر بيدردي سان قتل ڪيل سفير ۽ سندس ڀاءُ جي بيواهه امڙ پنهنجو گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪئي وئي آهي. وارهه واسي هڪ شخص نالو نه لکڻ جي شرط تي روئيندي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته ”قمبر ضلعي جو نالو تبديل ڪري چانڊيا اسٽيٽ يا وري چانڊيا-پوليس اسٽيٽ رکيو وڃي. هتي چانڊين جي سردار جو راڄ آهي. ڪير به انهن جي مرضي کانسواءِ ساهه کڻي نه ٿو سگهي. پوليس انهن بااثر ماڻهن جي ڪمداري ۾ پوري آهي“. ان شخص وڌيڪ ٻڌايو ته، ڌاڙيل سفير چنا جي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ ڌاڙي جي ڪوشش ڪئي ته انهن مزاحمت ڪئي، جنهن تي ڌاڙيل ڪاوڙجي پيا ۽ مٿن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. ٻئي ڀائر گهر ڀاتين آڏو تڙپندي تڙپندي مري ويا“.

مارجي ويل ڀائر  

مليل معلومات مطابق پوليس مارجي ويل شبير علي ۽ سفير علي چنو جي ڀاءُ وزير علي چنو جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي. جنهن ۾ پنج جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو هو. پوليس ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيل جوابدارن عاشق ڪارڙو چانڊيو،جبل عرف جبار ڪارڙو چانڊيو، منٺار ڪارڙو چانڊيو، ديدار ۽ ساجن ڪارڙو چانڊيو کي گرفتار ڪري لاڪ پ ۾ بند ته ڪيو آهي. پر پوليس اڃا تائين ڪيس جو حتمي چالان به عدالت ۾ جمع ناهي ڪيو.

سنڌسماءَچار پاران ان معاملي بابت گڏ ڪيل معلومات موجب، پنج ئي جوابدار پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار برهان چانڊيو جا خاص ماڻهو آهن (اها ڳالھ ذريعن کان مليل معلومات آهي). ذريعن جو چوڻ آهي ته سردار چانڊيو جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جوابدار ڌر جي ماڻهن مقتول ڀائرن جي ڀاءُ جيڪو ايف آءِ آر جو فريادي آهي؛ ان کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ مختلف ذريعن کان سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا. فريادي پوليس کي سڄي صورتحال کان آگاهه به ڪيو هو پر پوليس کيس ۽ گهر ڀاتين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا. جنهن بعد فريادي مجبور ٿي پنهنجو گهر ڇڏي لڏو کڻي اڻڄاتل ماڳ ڏانهن روانا ٿي ويا.

(هن معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جيئن ئي معلومات ملندي رهندي سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن آڏو پيش ڪندا رهنداسين – ادارو)

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *