Saturday , April 20 2024

وائسراءِ رائيونڊ سنڌ تي پنهنجو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو، مسلم ليگ ن سنڌ تي به مڪلمل طور بي اعتمادي جو اظهار!! – اصغر آزاد

 ⁠⁠⁠

Asad-Umar-Muhammad-Zubair

وائسراءِ رائيونڊ سنڌ تي پنهنجو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو، مسلم ليگ ن سنڌ تي مڪلمل طور بي اعتمادي جو اظهار

اصغر آزاد

وائسراءِ رائيونڊ جي سربراهه ميان محمد نوازشريف سنڌ تي هڪ ڀيرو وري سنڌ تي وائسراءِ رائيونڊ سنڌ ۾ پنهنجو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي
رٽائرڊ جنرل عمر عبدالرحمان جو پٽ زبير عمر عبدالرحمان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي پرواني تي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڪاغذ جي ٽڪري تي صحيح ڪندڙ ڪراچي جي رهواسي صدر ممنون حسين صحيح ڪري ڇڏي آهي.
ڊاڪٽر عشرت العباد جي ڊگهي عرصي تائين گورنر رهڻ بعد کيس عهدي تان هٽائڻ بعد، نواز ليگ جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي کي بيماري جي بستري تان سڏائي گورنر جي منصب تي ويهاريو، جيڪو آخري گهڙي تائين ڪو به سرڪاري ڪاروهنوار نه هلائي سگهيو.
سعيد الزمان صديقي جي وفات بعد سنڌ جي گورنر جي مقرري لاءِ جتي مختلف ماڻهن پاران پنهنجا نالا گورنر لاءِ ميڊيا ۾ فيڊ ڪرائيندا رهيا، ن ليگ سنڌ جي هڪ اهڙي شخص جو به نالو گردش ڪرايو ويو، جنهن جيڪو هڪڙو ٽڪر هلائڻ لاءِ به منٿون ڪندو وتندو آهي. بحرهال ن ليگ جيڪا هن وقت وفاق، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ حڪمراني ڪري رهي آهي، جنهن جي هر ڪم جي منظوري وائسراءِ رائيونڊ ڏيندي آهي، ان کي سنڌ ۾ پنهنجي ئي پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ تي اعتبار نه هيو ۽ نه ئي رهندو.
وائسراءِ رائيونڊ سنڌ مٿان پنهنجو گورنر ٿوپي ڇڏيو، زبير عمر عبدالرحمان جي مقرري جو پروانو به جاري ڪري ڇڏيو آهي. گورنر جي مقرري واري پرواني کي جاري ٿيڻ جي لڳ ڀڳ 9 ڪلاڪ گذرڻ تائين ن ليگ سنڌ پاران ڪا به ٻڙڪ ٻاهر ناهي آئي، پر ن ليگ جي هڪ اڳواڻ ته مارڪيٽ ۾ بروڪرز کي به هوشيار ڪري ڇڏيو آهي ته، “هاڻي فائل تيار رکجو گورنر سندن پڪو يار آهي”.
سنڌ تي جتي رحمان ملڪ کان ويندي فاروق ايڇ نائيڪ تائين سينيٽرز ۽ وڏي وزير جي خاص معاونن تائين ٻاهريان ماڻهو ٿوپيا ويندا رهيا آهن، جنهن تي مختلف ڌريون اعتراض وارينديون رهيون آهن. انهن اعتراض واريندڙن کي به سنڌ اندر تمام گهڻو ڪجهه ٻڌڻ لاءِ ملندو رهيو آهي، کين لقب به وڏا ملندا رهيا آهن.

زبير عمر عبدالرحمان جي مقرري سان ايم ڪيو ايم پاڪستان، پي ايس پي ۽ قومپرست ڌرين سميت سول سوسائٽيز ۽ دانشور به خاموش ويٺل آهن، جن کي لاهور ۽ وائسراءِ رائيونڊ جو هي فيصلو سنڌ تي شهنشاهيت جي ٿاڦڻ وارو نظر نه ٿو اچي. سوال اهو به ٿئي ٿو ته رحمان ملڪ، فاروق ايڇ نائق سميت ڪجهه ٻين کي سينٽري سنڌ جي ڪوٽا مان ڏيارڻ تي پ پ جي ليڊر شپ جو ساهه منجهائيندڙ اينڪر پرسنس ۽ رپورٽرز خاموش ڇو آهن، ان سوال جو جواب اهو آهي ته اهي سڀ اينڪرز ۽ رپورٽر مشرف ۽ ارباب رحيم جي دور کان پاور ڪاريڊورز جا دادلا رهيا آهن، جيڪي اڄ به پ پ جي پاڃاري ۾ جوٽيل آهن.

محمد زبير عمر پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر جو ڀاءُ آحي، اسد عمر نواز شريف ۽ محمد زبير عمران خان خلاف وڌ وڌ تنقيد ڪندي نظر ايندا آهن….

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *