Friday , April 19 2024

هڪ ٽوپي ٻه ماڻهو – “ صابو هار ڏنا، ڏني هار پاتا”…!! – فيض کوسو

faiz khosoفيض کوسو

 سنڌ ۾ ماڻهن کي ٽوپيون پارائڻ جو رواج بنهه پراڻو آهي پرائمري جي پهرين ڪتاب ۾ “صابو هار ڏنا، ڏني هار پاتا” وارو سبق به ويجهي دور ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو، ڪنهن جو کٿو چورائڻ لاءِ پورو ميلو لڳائڻ وارو قصو به سنڌ جو هڪ محبوب قصو آهي پر هڪ ئي ٽوپي ٻن همراهن جي سر تي رکڻ يا هڪ جي سر تان ٽوپي لاهي ٻئي جي سر تي رکڻ واري ڳالهه مون اڳي ڪا نه ٻڌي هئي ۽ نه ئي وري ڪو اهڙو عمل اڳ ۾ منهنجي گنهگار اکين ڏٺو هو، ڪالهه جو اکيون مهٽيندي وڃي ملاڪاتيار پهتس ته ڇا ڏسان ته هڪ جهنگ ۾ بنهه عاليشان انتظام ٿيل هئا، چيائون ته پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيو اچي، کيس سنڌو درياءَ تي جهرڪ ۽ ملاڪاتيار جي وچ ۾ اڏيل پل جو افتتاح ڪرڻو هو، خوشي ٿي ته پل مس وڃي تيار ٿي آهي، 2015ع واري وڏي پاڻيءَ جي ٻوڏ دوران آئون جهرڪن جي رپورٽ دوران اتان ٿي آيو هئس، ان وقت پل جو ڪم بند هو، پل جي افتتاحي تقريب ملاڪاتيار شهر کان ٿورو پرڀرو تازي ٺهيل روڊ جي پاسي ۾ رکيل هئي، پوليس جا وڏا اٽالا لٿل هئا، عام ماڻهو ان تقريب کان پري ۽ گهڻو پري هئا، ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪجهه جيالن پاسون نه ملڻ ڪري احتجاج به ڪيو هو پر اسان اهو رنگ اکين سان ڏسي ڪو نه سگهياسين جو اوڏانهن وڃون ها ته واپسيءَ ۾ اسان جا رستا به بند ٿي وڃن ها، گهران صبح جو سوير نڪتل هئاسين، انتظار ڪندي ڪندي اچي ٻپهر ٿي، نيٺ ”وي وي آءِ پي“ اچي تقريب ۾ پهتا، وي وي آءِ پيز ۾ پيپلز پارٽي جو نوجوان قائد بلاول ڀٽو زرداري ۽ نوجوان وزيراعليٰ سائين مراد علي شاهه شامل هئا، اوچتو هڪ نوجوان ڊائيس تي پهتو ته ڪجهه ڪامورن ۾ ٿرٿلو ڏٺم، هڪ ڦٽاڪو همراهه هڪ ٿيلهي ۾ هيڏي هوڏي ڊوڙندي ڏٺم، ٿيلهي کي غور سان جاچيم ته ان ۾ ڪجهه اجرڪون ۽ ڪجهه لنگيون پيل نظر آيم، پڪ ٿيم ته مهمانن کي سنڌ جا روايتي تحفا ڏنا ويندا، آخر نوجوان انائونسر اعلان ڪيو ته خاص مهمانن کي هاڻي سنڌ جي روايتي سوکڙي ٽوپي پارائي ويندي ۽ اجرڪون اوڍايون وينديون، ٽوپي جو نالو ٻڌي هڪ ضلعي جو سربراهه ميزبان ڪامورو سخت پريشان ٿي ويو، ٽوپيون ڪٿي آهن؟ هن ڏٻري پر جل ڦٽاڪي همراهه کان پڇيو ٽوپيون ته ڪونهن، ان همراهه جواب ۾ چيو، ڪامورو پريشان نه پر سخت پريشان ٿيو، ٽوپي ڪٿي آهي، ٽوپي ڪٿي آهي، هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ۽ منهنجي پويان ويٺل هڪ صحافي کي نماڻين نظرن سان ڏٺو، صحافي ويچاري مٿي تان ٽوپي لاٿي ۽ ان ڪاموري جي حوالي ڪري ڇڏي، صحافين جي سامهون اها واردات ٿي پر اوڏي مهل سڀ خاموش رهيا، ڪامورو سرڪندو سرڪندو وڃي وي وي آءِ پيز جي ڀر ۾ بيٺو، اعلان ٿيو ته هاڻي سنڌ جي وڏي وزير کي ٽوپي پارائي اجرڪ اوڍائي ويندي، اکيون کڻي جو نهاريان ته ڪجهه وقت اڳ هڪ صحافي جي مٿي تي رکيل ٽوپي وزيراعليٰ جي سر تي نظر آيم، پويان مڙي نهاريم ته صحافي چيو ”انهن ڪامورن جون ٽوپيون به اسان کي ئي بچائڻيون پونديون“ حيرت ٿيم ته اها پڳ هاڻي ٽوپي ڪيئن سنڌ جي وڏي وزير جي سر تائين پهتي؟ پوءِ سوچيم ته اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، اسان جا ڪامورا هونئن به ٽوپيون پارائڻ ۾ ڀڙ آهن، هي ته هڪڙي ٽوپي هئي، جي ٻيون ٽوپيون به گهرجن ها ته اڌ پنڊال مان ٽوپيون غائب ٿي ٻين وي وي آءِ پيز جي مٿي تائين به پهچي وڃن ها.

Faiz Topiٽوپي هي ٽوپي  آهي

سموري واٽ ان قصي تي سوچيندو آيس ٽوپي واري ڳالهه سوچي کل به آيم پئي ته افسوس به پئي ٿيو، سوچيم جيڪي ڪامورا پنهنجي صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو کي هڪ منٽ ۾ پرائي ٽوپي پارائي سگهن ٿا، سي ڪامورا عوام کي ٽوپيون پارائڻ ۾ ڪيتري نه مهارت رکندا هوندا، شايد ان ئي خيال سان اسان جي هڪڙي صحافي جڏهن سنڌ حڪومت ۽ بيورو ڪريسي جي ڪارڪردگي بابت جڏهن بلاول ڀٽو زرداري کان هڪ بنهه تکو سوال ڪيو هو، تڏهن مون گهڻن ئي ماڻهن جا چهرا لهندي به ڏٺا هئا، پوءِ ڦڪي مُرڪ سان سڀ ايئن بي خبرا ٿي ويا ڄڻ ته صحافي جو اهو سوال ئي اجايو هجي. خدا شال سنڌ تي رحم ڪري ۽ پرايون ٽوپيون وڏي مهارت سان پنهنجي صاحبن کي پارائڻ وارن ڪامورن کي ڪا هدايت ڏئي ته جيئن هو ٽوپيون پارائڻ جي ريت ڇڏي سنڌ جي ڪا حقيقي خدمت ڪري سگهن، اها ڳالهه آئون جڏهن به سوچيندو آهيان، تڏهن کل ايندي اٿم، منهنجي ٻاراڻين شرارتن تي امڙ چوندي هئي ابا الله ساڃاهه ڏيندئي، وراڻيندو هئس ته جي ساڃاهه نه ملي ته پوءِ؟ ٺهه پهه چوندي هئي پوءِ اها به ڦري وٺندئي، آئون ائين نٿو چوان‏، وري به چوان ٿو ته ٽوپي باز ڪامورن کي الله تعاليٰ ڪا ساڃاهه جي ستي وجهندو. (آمين)

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *