Friday , March 29 2024

هڪ وڌيڪ تبديلي، حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط قبولي ورتا، گئس ۽ بجلي مهانگي، نوان ٽيڪس به لڳندا

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) تبديلي سرڪار پاران پاڪستاني عوام لاءِ هڪ وڌيڪ ۽ اهم تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جا سمورا شرط قبولي ڪندي بجلي ۽ گيس مهانگي ڪرڻ وارو آءِ ايم ايف جو شرط مڃي ورتو، 340 ارب رپيا 3 سالن ۾ عوام کان اوڳاڙڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي، ملازمن جون پگهارون ۽ پينش گهٽ کان گهٽ وڌائڻ ۽ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس واري حد گهٽائڻ تي به راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي، فيصلو. سنڌسماءَچار جي اسلام آباد واري خاص نمائندي موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن جڏهن ته آءِ ايم ايف ٽيڪس شرطن تان پوئتي هٽڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف پاڪستاني اختيارين کي بجيٽ ۾ 700 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪيو جيڪو به قب ول ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق، آءِ ايم ايف ايف بي آر کان 700 ارب رپين جو ٽيڪس پلان گهري ورتو آهي، جيڪو تيار ڪري ڪجهه ڏينهن اندر آءِ ايم ايف کي پيش ڪيو ويندو. مليل معلومات مطابق پاڪستان جو پاليسي قدمن ذريعي اضافي ٽيڪسز لڳائڻ جو پلان آهي، نئين ٽيڪس آمدني وڌرائڻ جو پلان پيش ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف ٽيڪسز بابت شرط نرم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، عالمي مالياتي ادارو ايف بي آر جو ٽارگيٽ 5200 ارب رپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ چاهي ٿو، ذريعن موجب حڪومت بجلي ۽ گيس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ وارو آءِ ايم ايف جو شرط مڃي ورتو آهي، بجلي ۽ گيس جي مد ۾ 340 ارب رپيا 3 سالن ۾ صارفين کان وصول ڪيا ويندا. حڪومت نيپرا ۽ اوگرا کي بجلي ۽ گيس قيمتن جي تعين لاءِ خودمختيار بڻائڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، ذريعن موجب حڪومت ننڍن صارفين کان علاوه سڀني لاءِ سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، صنعتي صارفين ۾ صرف ايڪسپورٽ انڊسٽري کي محدود سبسڊي ڏني ڏيندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *