Thursday , March 28 2024

هڪ دعا بازياب نه ٿي، ٻي دعا بگهڙ جي ور چڙهي وئي

هڪ دعا بازياب نه ٿي، ٻي دعا بگهڙ جي ور چڙهي وئي

ٺٽي ويجهو ور شهر ۾ 7 وپرهين جي نياڻي جو باغ مان ڪپڙن کان آجو لاش هٿ

ڪراچي/ ٺٽو ( رپورٽرز   سنڌ سماءَ چار) ڪراچي مان اغوا ڪيل نياڻي دعا منگي پنج ڏينهن گذري وڃڻ باوجود بازياب ٿي ن ه سگهي آهي ته ٻي دعا ٺٽي جي ور شهر ۾ انساني روپ ۾ بگهڙ جي ور چڙهي وئي آهي،گهران راند کيڏڻ لاءِ گهران نڪتل 7ورهين جي نياڻي جو ڪجهه ڪلاڪن بعد ڪيلن جي باغ مان ڪپڙن کان آجو لاش مليو، ڊاڪٽرن پاران زيادتي جي ڪوشش جي تصديق. ٺٽي جي ور شهر ٻاهران ڪيلن جي باغ مان ستن سالن جي معصوم نياڻي دعا ولاسيو جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ اچڻ بعد وارثن پوليس جي مدد سان لاش سول اسپتال منتقل ڪيو. ايس ايس پي ٺٽو شبير سيٺار دعويٰ ڪئي آهي ته شڪ جي بنياد تي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته دعا اسڪول مان واپس اچي ماني کائڻ کانپوءِ لڳ ڀڳ منجهند جو 3 وڳي ڌاري راند کيڏڻ گهر مان ٻاهر نڪري وئي، هوءَ روزانو اسڪول مان واپس اچي ماني کائي ٿوري دير لاءِ راند روند ڪرڻ ويندي هئي، جيڪا واپس نه آئي ته اسان سندس ڳولا شروع ڪئي. ٻارڙي جي وارثن جو چوڻ هو ته، نياڻي جي ڳولا ڪندي شهر جي ڀرسان ڪيلن جي باغ ۾ به ڳولا ڪئي، جتي هڪ واهيءَ ۾ سندس ڪپڙن کان آجو لاش مليو. نينگري جي والد ۽ امڙ جو چوڻ آهي ته پوليس کي اطلاع ڪيو جيڪا جيئن ئي پهتي لاش کي کڻا سول اسپتال پهچايو.

ٻارڙي جي لاش جو پوسٽ ڪرائڻ لاءِ ٽن ڊاڪٽرياڻين کي گهرايو ويو، جن نياڻي جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪيو، اسپتال جي سول سرجن جو چوڻ آهي ته، ٻارڙي کي قتل ڪرڻ کان اڳ ۾ ساڻس جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻارڙي جو موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو آهي. سول سرجن موجب ٻارڙي جي منهن تي ڪپڙُ ڏئي ساهه بند ڪري قتل ڪرڻ جي تصديق ٿي آهي. ڊاڪٽر موجب ٻارڙي جو ڊي اين اي ڪرائڻ لاءِ به جزا ورتا ويا آحن، جيڪي جمعي ڏينهن 6 ڊسمبر/ اڄ ليبارٽري اماڻيا ويندا، جن مان وڌيڪ خبر پوندي ۽ پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ اچڻ بعد به ٻارڙي سان زيادتي واري ڳالهه چٽي ٿي ويندي. ايس ايس پي ٺٽو شبير سيٺار چيو آهي ته، نينگري جي قتل واري واقعي کانپوءِ هڪ شڪي جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، اُهو ڪجهه عرصو اڳ زيادتي ڪيس ۾ سزا ڪاٽي جيل مان آزاد ٿي آيو هو، ان کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ٻارڙي جا ڪپڙا هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيلن جي باغ کي ڪڙو چاڙحي پهرو مقرر ڪيو آهي جمعي تي صبح ٿيندي ئي ڳولا شروع ڪبي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *