Friday , March 29 2024

”هڪ اداري جي ماڻهن چيو ته (اسان جي مرضي مطابق فيصلا ڏي)، آزاد عدليه ڪنٽرولڊ ۽ ميڊيا گوڏا کوڙي ڇڏيا“. جسٽس شوڪت عزيز صديقي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو آهي ته ”هڪ اداري جي ماڻهن مون کي چيو ته،( سندن مرضيءَ مطابق فيصلا ڪيان ته هو مون کي وقت کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ڪري ڇڏيندا ۽ داخل ريفرنس به ختم ڪري ڇڏيندا)“، مون کين چيو ته ضمير جو سودو ڪرڻ کان موت کي ترجيح ڏيندس. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي راولپنڊي بار جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اداري جي ماڻهن جو چوڻ هو ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز 25 جولاءِ کان اڳ جيل مان ٻاهر نه اچڻ گهرجن. ان لاءِ انهن ماڻهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ڪاسي سان رابطو ڪيو ۽ چيف جسٽس انور ڪاسي انهن ماڻهن کي خاطري ڪرائي ته جيئن هو چاهيندا بلڪل ايئن ٿيندو. جسٽس شوڪت عزيز صديقي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته، ساڳين ماڻهن چيف جسٽس انور ڪاسي کي چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي احتساب عدالت جي فيصلي خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ ۾ جسٽس شوڪت صديقي کي شامل نه ڪيو وڃي.

راولپنڊي بار کي خطاب دوران جسٽس شوڪت عزيز چيو ته کيس چڱي نموني خبر آهي ته احتساب عدالت جي روزاني ڪارروائي ڪيڏانهن ويندي رهي آهي ۽ ڪير ڪنهن جو پيغام کڻي سپريم ڪورٽ ويندو آهي. هن چيو ته احتساب عدالت تان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو انتظامي ڪنٽرول ڇو ختم ٿي چڪو آهي، اصل ۾ عدليا جي آزادي راهه تان ٿڙي وئي آهي ۽ اوهان جي آزادي ادارن جي ڪنٽرول ۾ آهي. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته مون کي نوڪريءَ جي پرواهه نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو مقابلو آمريڪا يا يورپ سان نه پر ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا سان ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارت 10 سالن کانپوءِ دنيا جو وڏو معاشي ملڪ هوندو ۽ اسان پٺتي وڃي رهيا آهيون، ڀارت ۾ هڪ ڏينهن لاءِ به سياسي عمل نه رڪيو آهي ۽ ڪڏهن به مارشل لا نه لڳي آهي. جسٽس شوڪت عزيز چيو ته اسان کي ٻڌايو ويندو آهي ته ڀارت دشمن ملڪ آهي. اهو نه ٻڌايو ويندو آهي ته ڀارت جي ماڻهن کي پنهنجي فوجي سربراهه جي نالي جي به خبر نه هوندي آهي. ڀارت ۾ ڪرپشن ۽ بدانتظامي آهي پر پوءِ به ترقي جي راهه تي آهي.

جسٽس شوڪت عزيز صديقي خطاب ڪندي چيو ته مون کي خبر آهي ته اڄ کان پوءِ مون سان  ڇا ٿيڻو آهي پر ضمير جو سودو نه ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته عدليا جي آزاديءَ ۾ ميڊيا جو ڪردار آهي پر اڄ آزاد ميڊيا به پنهنجي آزادي وڃائي گوڏا کوڙي چڪي آهي. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته هاڻوڪين ملڪي حالتن جي 50 سيڪڙو ذميوار عدليا ۽ باقي 50 سيڪڙو جا ذميوار ادارا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *