Thursday , April 25 2024

هٿياربندن هٿان مارجي ويل ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جو ٽيجهو،صدام چانڊيو برادري جو تمندار چونڊجي ويو

دادو ( خاص نمائندو     سنڌسماءَچار) ميهڙ ۾ يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي ٽيجهي واري تقريب ۾ هزارين ماڻهون شريڪ، مقتول مختيار چانڊيو جي پٽ صدا چانڊيو کي برادري جي تـُمـندار جي پڳ ٻڌرائي وئي. ٽن ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، وارثن سپريم ڪورٽ جي چيف جستس کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي سنڌ سرڪارکي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آچر تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي. ميهڙ ۾ بااثر هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس پٽن جي ٽيجهي ۾ چانڊيا برادري جي هزارين ماڻهن جي شرڪت ڪئي. مقتول مختيار چانڊيو جي پٽ صدا چانڊيو کي برادري جي تـُمـندار جي پڳ ٻڌرائي وئي.ميهڙ ۾ 3 ڏينهن اڳ يوسي چيئرمين ۽ سندس ٻن پٽن جو قتل ڪيس ايم پي اي ۽ پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو، اڳوڻي صوبائي صلاحڪار برهان چانڊيو سميت 7 جوابدارن تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو. چانڊيا برادري جي نئين چونڊيل تمندار ۽ ڪرم الله جي پوٽي صدا چانڊيو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته، هو واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.صدا چانڊيو ۽ ٻين  جو چوڻ آهي ته، قتل واري واقعي جو ڪيس داخل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي ايڪٽ شامل آهي. ايف آءِ آر ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو، سندس ڀاءُ ۽ اڳوڻو صبائي صلاحڪار برهان چانڊيو سميت 7 ئي جوابدار نامزد ٿيل آهن. هنن چيو ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. جنهن مان لڳي ٿو ته پوليس جوابدارن کي ڀڄائڻ ۾ اڻسڌي طرح مدد ڪري رهي آهي.  شڪ آهي ته سردار چانڊيو پرڏيهه فرار ٿي ويندو. ايس ايس پي دادو قمر جسڪاڻي مقتولن جي تڏي تي پھچي سندن وارثن سان تعزيت ڪري جوابدار گرفتار ڪرائڻ جي خاطري پڻ ڪرائي، ٽنھي مقتولن جي وارثن تي داخل ٿيل ڪيس خارج ڪرائڻ جو به يقين ڏياريو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *