Wednesday , April 17 2024

هي ڪائنر پٽ وڏيري جو: محمد يونس مهر

هي سنڌ ۾ ڪهڙو  واءُ  وريو آهي جو هر ڏينهن   جي خبر  هڪ وڌيڪ  ڏک  کي جنم ڏئي رهي آهي،سنڌ  جنهن وٽ صوفيت جي   عظيم هستي  ۽ محبت جو عشق الستي هو  اُها هاڻ  هن نهج ٿي پهتي  اهي  جتي انساني ضمير مري چڪو آهي جت ظلم جو بازار گرم آهي جت نوجوان عورتن ۽ نوجوان  ڇوڪرن  جي ماس کي ائين پٽيوو ۽ڪٽيو  وڃي ٿو  ڄڻ سنڌ ڪتن جي ور  چڙهيل  هجي،هي ڪهڙي  سنڌ  آهي هن سنڌ جو ڀٽائي ۽ سچل  خواب ڏٺو  هو،نه نه  هي ارغونن،ترخانن ۽ شاه شجاع  واري دور  جي سنڌ آهي جيڪي روز سنڌ جي عصمتن   تي وار  ڪندا هئا ،هي  ظالمن جي  سنڌ   آهي هي وڏيرن جي   نا خلف ڪمينن پٽن جي سنڌ آهي.ڪالهه هڪ اديب  جي رزيل پٽ  دارا ميمڻ  هڪ معصوم  سان زبردستي ڪئي ۽ اڄ وري،اين  اي 238 دڙو  سجاول واري  قومي تڪ  تان اليڪشن وڙهندڙ  ارباب رميز الحق  ميمڻ جي وحشي پٽ ارباب ابراهيم  ميمڻ   شهر  جي  معزز استاد سائين  گنگا  رام جي  پٽ جئي پرڪاش سان گينگ ريپ  ڪرايو آهي هي چئن لوفرن جي  ٽولي آهي جيڪا  هڪ نوجوان جي تذليل  ڪري رهي آهي  ۽ ارباب  ابراهيم ميمڻ ان ذلت  لاءِ هدايتون ڏيئي رهيو آهي .هي واقعو  هڪ مهينو  پهريون جو آهي . جنهن ۾ هن ڳڀرو  نوجوان سان زيادتي ڪري وڊيو ڀري وئي ۽ هن کي  چيو ويو ته خبردار پنهنجي زبان بند  رکجان نه ته  هي وڊيو عام ڪري ڇڏينداسين  نوجوان  خوف ۽ عزت  جي  ڀرم سبب خاموش رهيو  پر  ڪالهه هي وڊيو  اوچتو  سوشل ميڊيا تي ظاهر ٿي. اسان سمجهو ٿا  ته هي  ظلم  فقط جئي پرڪاش سان نه ٿيو آهي پر   هي سنڌ جي  روح تي رهڙ آئي آهي ،اڄ سنڌ ضرور رني هوندي، سنڌ  ضرور  اڇڪارو  ڏنو هوندو، ڪوسڏڪو  ڀريو  هوندو، ڪو پار  ڪڍيو  هوندو هن ضرور   پنهنجي   مظلوم  پٽ جئي پرڪاش  جي بي وسي تي ماتم ڪيو هوندو.

 اي دڙي  شهر جا  استاد  سائين گنگارام   اسان اوهان سان تعزيت ڪريو ٿا  هن ناحق  ۽ بغداد تي اسان جون سڀئي  همدرديون ۽ محبتون توهان سان گڏ آهن توهان هن وطن سرزمين  سنڌ تي  اڪيلا نه آهيو اوهان سان اوهان جا لکين سنڌي مرد ۽ عورتون هن ظلم خلاف احتجاج ۾ شامل آهن اسان جيستائين وڏيري جي هن ظالم پٽ ارباب  ابراهيم ميمڻ کي ڪيفر ڪردار  تائين نه پهچائينداسين تيستائين سک  جو ساه نه کڻنداسين. سائين گنگارام  اِهو توهان سان سنڌ وطن جو وچن آهي.

 اسان پڇڻ  چاهيون  ٿا  ته  حڪمرانن  کان هي ڪهڙي رياست آهي  جتي  لوفرن، ڦورن، دلالن، بي ايمانن ۽ هٿياربند  جٿن رياست اندر  رياست قائم ڪري  ورتي آهي  نه ڪو آهي داد نه ڪو آهي  فرياد، آخر ڪو شريف شهر ي غريب انسان وڃي ته وڃي ڪاڏي  نه عزت  سلامت آهي نه عصمت  محفوظ آهي بس هڪ جهنگ  جو قانون آهي   جيڪو انسانيت جا ليڪا لٽاڙي   رهيو  آهي سڄو معاشرو  بي وسي لاچاري ۽ خوف  جو شڪار آهي.

ڇا اسان پ پ پ جي  قيادت  کان هي سوال ڪري سگهو ٿا ته ڇا هي آهي توهان جي سياسي پارٽي ۽ هي آهن  ان جا  قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن ۾ حصو  وٺندڙ اڳواڻ  جن کي اوهان جي  پارٽي  جي نالي تي، شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي جي جدوجهد ۽ قرباني جي نالي تي، سنڌ راڻي اسان جي  عظيم ڀيڻ محترم بينظير  ڀٽو  جي ماڻهپي، عزت، عظمت ۽  بهادري  جي نالي تي هڪ وڏيري کي  ستر هزار ووٽ  مليا  هئا. هي قدر آهي سنڌ جي  ووٽ  جي  اعتماد  جو، هي قدر آهي هن سنڌ وطن جي انهن  عظيم  انسانن جو  جيڪي  اوهان جي  اڳواڻن جي  محبت ۾ اوهان جا ڄڻ کي خريد ڪيل غلام هجن، نه سائين نه  جناب بلاول  ڀٽو زرداري صاحب، جناب مراد علي شاه صاحب هاڻ سنڌ هن ظلم ۽ زيادتي  کان بيزار  ٿي چڪي آهي ڪيستائين  هي ظلم ۽ زيادتي روان  رهندي، بس هاڻ بس ٿيڻ گهرجي، هي  ظلم بند ٿيڻ گهرجي. توهان هڪ گهڙي لاءِ  محسوس  ته   ڪري ڏسو ته  ظلم جو شڪار  جئي پرڪاش جو والد سائين گنگارام  جيڪو معزز ،دڙي شهر  جو  استاد آهي ان جي روح تي ڪهڙي وار تا ٿيندي هوندي، هن جي امڙ زارو  زار روئي پنهنجا پلهه  پسايا  هوندا، هن جا ننڍڙا ڀائر ۽ ڀينرون  خوف وچان  گهر جي ڪنڊ ۾ لڪل هوندا. سائين  اوهان  به ٻچن وارا آهيو  حساس دل  آهيو  سنڌ جي  ڪاري  اڇي جا مالڪ آهيو هڪ ڀيرو  پنهنجي  سيني تي هٿ رکي ته سوچيو  ته اوهان  جي  ٻچن سان  اهڙو ظلم ٿئي ته  توهان  جو ڪهڙو ردعمل هجي ها اوهان جا ڪهڙا احساس هجن ها  اوهان جي دل جي ڪربلا ۾ به  ضرور گريا زاري   جو  ماتم  مچيل  هجي ها، جيڪو اڄ  سنڌ  جي   اندر  ۾ متل آهي  اسان اڄ هن ڏک ۽ ماتم  جي گهڙي ۾ سڄي دنيا  جي ضمير، انساني حقن جي   تنظيمن  ،ملڪ پاڪستان ۽ مادر وطن  سنڌ جي سڀني جمهوريت پسندن،سنڌ دوست انسانن کي اپيل ڪريون ٿا ته هو  گهرن کان ٻاهر نڪرن ۽ هن ظلم خلاف ڀرپور آواز بلند  ڪن،اسان اپيل ٿا ڪريو ،وڪيلن،ڊاڪٽر،اديبن،شاعرن ۽ مزدور  کي  ته اڳتي اچو ۽ پنهنجي  ملڪ جي عزت ۽ عصمت جي مالڪي ۽ نگهباني ڪريو.

اسان انتهائي هن  تڪليف ڏيندڙ  لمحن ۾ آسائتيون اکيون کڻي  سپريم ڪورٽ  آف پاڪستان  جي چيف جسٽس  کي  اپيل  ڪريون ٿا ته  هن ظلم  جو سخت نوٽيس  وٺن ۽  واضع  ڪرڻ چاهيون ٿا ته توهان سنڌ سان شهيد ذوالفقار  علي  ڀٽي   جي ڪيس ۽ اسان  جي  سنڌ جي نياڻي  رينڪل ڪماري  جي  ڪيس ۾ اسان سان انصاف نه  ڪيو آهي،اسان  سان ڪيل  انهن ناانصافين جو   اوهان تي قرض  رهيل آهي اسان عالمي   ضمير  ۽ انساني تهذيب اڳيان  توهان خلاف دانهي  آهيون،انصاف  اسان جو حق  آهي جيڪو اسان  کي ملڻ گهرجي ،انهي ڪري  هن ڪيس ۾ رياست ۽ عدالت   اسان کي  انصاف فراهم ڪري ته جئين ڏک ۽ گوندر جي هنن لمحن  ۾ متاثر ڪٽنب ۽ سنڌ  جي  دل جوئي ٿي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *