Friday , March 29 2024

هي ٽرڙا پٽ وڏيرن جا – پ پ جي وزيرن ۽ ايم پي ايز سنڌ اسيمبلي کي آغا سراج دراني جي اوطاق بڻائي ڇڏيو – موڳومٽر

Sorth Thebo 01

هي ٽرڙا پٽ وڏيرن جا

پ پ جي وزيرن ۽ ايم پي ايز سنڌ اسيمبلي کي آغا سراج دراني جي اوطاق بڻائي ڇڏيو – موڳومٽر

سنڌ اسيمبلي ۾ جڏهن پي ٽي آءِ جي ميمبر خرم شيرزمان سنڌ اسيمبلي جي ايجنڊا ۾ شامل هڪ بل، جيڪو سنڌ ۾ نجي پاور ڪمپنين کي سبسڊي ڏيڻ بابت هو ان تي ڳالهائيندي چيو ته، کيس اها خبر نه ٿي پوي ته هي سبسڊي نجي ڪمپنين کي ڏني پئي وڃي يا انور مجيد آرائين کي. ٺيڪ ان ڳالھ کان پوءِ پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز توڙي وزيرن کي اصل باھ لڳي وئي. ناصر شاھ ته اصل هٿن مان پي ويو. همراھ کي زري گهٽ دل هول پيم  ٿيو، پوءِ اهو هانو جو اوٻر سورٺ ٿيٻو کي داٻا ڏئي بار هلڪو ڪيائين. اڄڪلھ سنڌ اسيمبلي جو اعليٰ ايوان گهٽ شڪاري لالي پٺاڻ آغا سراج دراني جي اوطاق وڌيڪ ٿي لڳي. اسپيڪر ايوان جو ڪسٽوڊين گهٽ رئيس جو ڪمدار وڌيڪ ٿو لڳي. پ پ ميمبر ايم پي اي گهٽ رئيس وڏي جا ڪاراوا، ڪمدار، منشي، ڪمدارن جا ڇوٽو ۽ شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار وڌيڪ ٿا لڳن.

شڪارپور جو آغا سراج دراني

Agha siraj

پ پ جي ايم پي ايز ۽ وزيرن پاران سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي خاص طور تي مڊل ڪلاس جي عورت ايم پي ايز کي لوئڻ ۽ کين اهڙا لفظ ڳالهائڻ جيڪي اسيمبلي ۾ ته نه پر وڏيري جي اوطاق تي ڪمدار ڪاراوا ئي هارين نارين سان ڳالهائيندا هوندا. سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ يم پي ايز اهڙيون ته روايتون قائم ڪري ڇڏيون آهن جو، سنڌ اسيمبلي جو ايوان گهٽ پر آغا سراج دراني دراني جي اوطاق وڌي لڳندي آهي.

مون کي اڄ هڪ پياري دوست جي ان ڳالھ تي شڪ ٿي پيو آهي، جنهن ۾ ان چيو هو ته ” آغا سراج دراني تمام گهڻو پڙهيو لکيو ۽ بهترين انسان آهي “. ان دوست کان انتهائي معذرت سان ته ٻيلي جيڪڏهن آغآ سراج دراني پڙهيو لکيو ۽ بهترين انسان آهي ته پوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ جي گهٽ سمجهدار ۽ گهٽ پڙهيل ماڻهن جو ڪهڙُو حال هوندو؟

آغا سراج دراني سومر ڏهاڙي ٿيل اجلاس ۾ جنهن انداز سان ن ليگ جي عورت ايم پي اي سورٺ ٿيٻو سان جنهن انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو، هڪڙو ڀيرو ائين شرميلا فاروقي سان ته ڳالهائي ڏسي، معذرت سان ميڊم مهتاب اڪبر سان ته ڳالهائي ڏسي. مان ساک سان چئوان ٿو ته جيڪڏهن  آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي کان ڪن پڪڙي سندن درن تائين وڃي معافيون نه وٺي ته چئجو.

آغا سراج دراني ! جنهن انداز سان توهان سورٺ ٿيٻو کي چئي رهيا هئا ته رئو مٿي تي رکي پوءِ ڳالهاءِ ، هڪڙو ڀيرو ان ساڳئي لهجي ۾ شرميلا فاروقي کي چئو ته مڃينداسين. اوهان کي خبر ناهي ته، اسپيڪر هائوس جو ڪسٽوڊين ٿيندو آهي، اُن لاءِ سمورا ميمبر برابر هوندا آهن. ان لاءِ لازم آهي ته هو سمورن ميمبرن کي عزت ڏئي ۽ سندن استحقاق متاثر ٿيڻ نه ڏئي. سومر ڏهاڙي واري ڪارروائي جي سڄي رڪارڊنگ گهرائي وڃي اڪيلائي ۾ ٻڌ، جيڪڏهن ٽڪي پئسي جيترو احساس هوندو اوهان ۾ ته يا ته عهدي تان استعيفيا ڏئي ڇڏيندا جي نه ته اوهان کي ڪجھ به چئجي ڪجھ ڪو نه محسوس ڪندا.

صوبائي وزير ناصر شاھ !

Nasir shah

ناصر شاھ کي اڄ تائين ڪڏهن به سخت لهجي ۾ ڳالهائيندي ناهي ٻڌو. هر معاملي تي ٿڌي نموني سان ڳالهائيندو رهيو آهي پر، سومر واري اجلاس ۾، ناصر شاھ هڪ عورت ميمبر سورٺ ٿيٻو کي مخاطب ٿيندي جيڪي لفظ ڳالهايا، انهن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.

ناصر شاھ سورٺ ٿيٻو کي نه رڳو مخاطب ٿيندي پر ان ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو، ” هي پاناما جا چور آحن هنن کي شرم نه ٿو اچي “، ناصر شاھ صاحب بيشڪ سورٺ ٿيٻو ن ليگ جي ميمبر آهي پر پنهنجي دل تي هٿ رکي چئو ته جنهن انداز ۾ توهان ڳالهايو ڇا اُهو ٺيڪ هيو؟.

ناصر شاھ صاحب ! ايترو ڪري رئيس وڏي ۽ ادي وڻائڻ کان ته بهتر ٿئي ها جو خاموشي سان ٻح چار مهينا وزارت جا ڪڍي وڃي هان، وڏ وزارت تنهنجي وت ۽ وس کان وڏي آهي. ڪيتري به ڪوشش ڪرين ورندئي ڪجھ به ڪونه، ها باقي سنڌي ماڻهن جي آڏو پت وائکي ضرور ٿي آهي تنهنجي.

ناصر شاھ  ! هڪڙي سوال جو جواب ته ، ڇا گهوٽڪي جا مهر تنهنجي چوڻ تي هلندا جو رئيس وڏي ۽ ادي جي ڏنل لالچ ۾ اچي اصل ٿرڊ ڊگري تي لهي ٿو ڳالهائين. ناصر شاھ جيڪڏهن تون ائين ”چري“ شميلا فاروقي کي چوين ها ته ڇاٿو سمجهين ڇا ٿئي ها؟ سکر کان پير اگهاڙا ڪري ڳارو ڳچي وجهي واپس اسيمبلي اچي معافي وٺي ها ته به معافي نه ملئي ها، اهو مان يقين سان ٿو چوان…

پنهنجي قد جيڏو عقل کان واندو  Imdad Pitafi 1

سنڌ اسيمبلي جو ٽنڊو الهيار مان چونڊيل پ پ ميمبر امداد پتافي جنهن کي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڦرڻي ڪرسي تي ڦيرا ڏيڻ، مپوبائل استعمال ڪرڻ ۽ وائڙن وانگر رڳو پيو لئونڻا هڻڻ کانسواءِ جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي جي قائدن ضابطن ۽ روايتن جي خبر آهي ته  کڻي  ٻڌائي.

 امداد پتافي نصرت صحر عباسي سان جيڪا ٻولي ڳالهائي هئي اها به هر ڪنهن کي خبر آهي، معافي تلافي کانپوءِ به همراھ نه سڳيو جوساڳيو، 12 ميهنن کانپوءِ به ساڳيو ئي رهيو آهي.

”نامعلوم ايم پي اي“

سومر واري اجلاس دوران جنهن وقت ڄام خان شورو ڳالهائي رهيو هو ان وقت سندس پئي طرف وارين سيٽن تان ، هڪ آواز ڀريو، ”ناصر شاھ ڏس ته فحش اشارا ٿي ڪري. سنڌ اسيمبلي جي ڪئميرا ان ميمبر جو مهانڊونه ڏيکاريو، ان  نامعلوم ايم پي اي کان سوال آه ته ڇا جيڪڏهن اهي لفظ ڪنهن وڏ گهراڻي جي عورت ميمبر لاءِ استعمال ڪرين ها ته خبر پئجي وڃئي ها ته گهڻي ويهين سئو ٿيندو آهي.

منهن لڪائيندڙ ارباب رحيم ڪجھ ٿيئي ڪونه….!

Arbab Rahim

جنهن وقت ناصر شاھ ، پتافي ۽ نامعلوم ايم پي اي سورٺ ٿيٻو داٻا ڏئي رهيا هئا، ”چري“ ٻيا غير اخلاقي لفظ چئي رهيا هئا ان وقت اڳوڻو وڏو وزير ۽ نواز ليگ جو ايم پي اي ارباب غلام رحيم، حاجي شفيع ڄاموٽ، ٺٽي جا شيرازي، شهريار مهر سميت سمورا مخالف ڌر وارا سنڌي مرد توڙي عورت ايم پي ايز خاموش تماشائي بڻيا ويٺا هئا. حيف اٿن حيف اٿن.

وڏي ڳالھ ته اڳوڻو وڏو وزير ارباب رحيم ته هٿ سان منهن لڪائي رهيو هو، هي اُهو ئي ارباب رحيم هو نه جنهن قومي اسيمبلي ۾ نواز شريف سان ڦڏو ڪيو هو، اڄ ان جي پارٽي ڪجو ايم پي اي بڻيو پنهنجي ئي پارٽي جي عورت ميمبر سان روا رکيو ويندڙ رويئي تي منهن لڪائي رهيو هو، حيف اٿئي ارباب رحيم..!

شهريار مهر توتي به ميار ناهي تون ته آهين ئي سرداراڻو ٻار، توکي ميار ڏئي پاڻ کي مياري ڪرڻو آهي ۽ بس….

Shafi jamotShahryar

ابراهيم حيدري جا بي تاج بادشاھ ۽ ايندڙ چونڊڻ کان اڳ پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاِ تيار حاجي شفيع ڄاموٽ، اڇي ڏاڙهي اٿئي، هڪ عورت سان جيڪا تنهنجي پارٽي جي ميمبر آهي ان سان ٽرڙا پٽ وڏيرن جا ائين ڇڙواڳي سان ڳالهائي رهيا هئا، تنهنجي زبان مان هڪ لفظ به نه نڪتو. ها ابا تون ڇو ڳالهائيندي، ابراهيم حيدري ۾ ورهين کان پاڻي جا هائيڊرنٽ، جيٽيون قبضي ڪري ٺاهيل مال بچائيندي يا وري وچولي طبقي جي هڪ عورت جي حق ۾ ڳالهائيندي .

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *