Thursday , March 28 2024

”هي وڏڙن جي پڳ اٿئو، اسان کي ووٽ ڏجو“:خورشيد شاهه جا ووٽرز پٽڪي جا واسطا

سکر( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سکر ضلعي اندرپيپلز پارٽي کي عام چونڊن دوران ڏکيائين بابت سنڌ سماءَ چار جي ٻه ڏينهن اڳ واري خبر سچي ثابت ٿي وئي آهي، سيد خورشيد شاهه پاران پنوعاقل ۾ چونڊ مهم دوران پنهنجي پٽڪي ڏانهن اشارو ڪندي وڏڙن جي پڳ جا واسطا ڏئي ووٽرز کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪندو رهيو. اهڙي وڊيو به سنڌسماءَچار هٿ ڪري ورتي آهي. جيڪا سنڌسماءَچاريوٽيوب چئنل تي موجود آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ، سيد خورشيد شاهه ڇنڇر تي رات جو، پنوعاقل جي شاهي بازار ۾، عوامي ميڙاڪي کي خطآاب ڪري رهيو هو. خطاب دوران سيد خورشيد شاهه انتهائي، ڏکاري انداز ۾ اتي موجود ڪارڪنن کي مخاطب ٿيندي ۽ پنهنجي پٽڪي تي هٿ رکي چيو ته، ” آيا آهيون هي وڏڙن جي پڳ کڻي، هي وڏڙن جي پڳ اٿئو، عوام فيصلو ڪري. جيڪو توهان کي وڻي فيصلو ڪيو، توهان جو فيصلو هلندو“. خورشيد شاهه پنهنجي تقرير دوران وڌيڪ چيو ته، ” 25 تاريخ تي عدالت لڳندي، توهان کي فيصلو ڪرڻو آهي، توهان کي انصاف ڪرڻوآهي“.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *