Friday , April 19 2024

هلندڙ مالي سال دوران مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي:وفاقي سرڪار جي دعويٰ

اسلام آباد(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي سرڪار مالي سال 2017-18 جي اقتصادي جائزا رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن تحت مهانگائي جي شرح گذيل 13 سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير احسن اقبال ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار مفتاح اسماعيل گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اقتصادي جائزا رپورٽ پيش ڪئي. وفاقي وزيرن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي جي شرح گذريل 13 سالن کان گهٽ ٿي 5 ڏهائي 79 سيڪڙو تي اچي وئي آهي ۽ مهانگائي جي شرح 7 ڏهائي 89 مان گهٽ ٿي 3 ڏهائي 8سيڪڙو تي اچي وئي آهي. مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته مالي سال 2017 ۽ 18 دوران زرعي ترقي جي شرح 3 ڏهائي 8 سيڪڙو رهي، ايڪسپورٽ ڪمزور شعبو هو پر پيڪج ڏيڻ سان ان ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته نون ليگ پنهنجا سمورا واعدا پورا ڪيا آهن، قرض سان ملڪ ۾ بجلي جا منصوبا لڳايا جنهن سان ترقي جا خرچ وڌيا جڏهن ته مارچ تائين ايڪسپورٽ ۾ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو. مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته هنن ايندڙ حڪومت جي نئين ترقياتي منصوبن لاءِ 100 ارب رپيا رکيا آهن.

ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته 2013 ۾ سيڙپڪار ملڪ ڇڏي پرڏيهه وڃي رهيا هئا ۽ ڪراچي ڀتي خورن هٿان يرغمال بڻيل هو پر هاڻي دهشتگردي ۽ ٻين مسئلن کي ختم ڪيو ويو آهي. احسن اقبال چيو ته سندن حڪومت سسٽم ۾ 11 هزار ميگاواٽ بجلي داخل ڪئي جنهن سان ملڪ ۾ بجلي جي بحران تي ضابطو آيو آهي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته سياسي بحران کي منهن نه ڏيون ها ته اقتصادي ترقي جي شرح 6 ڏهائي هڪ سيڪڙو تائين پهچي وڃي ها، سياسي بحران سبب معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *