Thursday , April 18 2024

هاڻي پاڪستان ۾ شهري حڪومت ۽ انتظاميا خلاف آن لائن شڪايتون ڪري سگهندا

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عوامي شڪايتن ٻڌڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ آن لائن سسٽم ” پاڪستان سٽيزن پورٽل“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان چيو آهي ته، هاڻي عوام ۽ حڪومت سڌي رابطي ۾ اچي ويندا ۽ عوام پنهنجا مسئلا سڌو حڪومتي ذميوارن تائين پهچائيندو ۽ انهن جو ازالو به ڪيو ويندو، وزيراعظم پاڪستان سٽيزن پورٽل سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستاني نوجوانن اهڙو سسٽم تيار ڪيو آهي، جيڪو يورپي ملڪن وٽ به نه آهيهن جديد ترين نظام سان سزا ۽ جزا ۾ آساني ٿيندي، عوام حڪومت سان سڌي رابطي ۾ اچي سگهي ٿو. جيڪو نظام آندو پيو وڃي اهو سوچ بدلائڻ وارو آهي، پهريون دفعو سرڪاري آفيسرن، وزارتن ۽ سياستدان سڀني جو احتساب ٿيندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته، جڏهن ماڻهو چوندا آهن نئين پاڪستان ۾ ڇا هوندو، انهن کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته هي آهي نئون پاڪستان جتي عوام پنهنجا مسئلا سڌي ريت لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائي سگهي ٿو ۽ انهن مسئلن جي حل ۽ شڪايتن جي ازالي بابت شهرين کي شڪايت ڪرڻ وقت ئي ٻڌايو ويندو.

پراڻي پاڪستان ۾ غلاماڻي سوچ هئي جنهن ۾ ٻاهران ماڻهو حڪمراني ڪرڻ آيا هئا، عوام ۽ حڪمرانن جو مختلف تعلق هو، ماڻهو آفيسن ۾ ڌڪا کائيندا هئا، جيڪڏهن پيسو طاقت آهي ته پوءِ ناجائز ڪم ٿي ويندا آهن ۽ ڪمزورن جا جائز ڪم ناهن ٿيندا پر هاڻ پاڪستان جتي به آهي، ان وٽ آواز آهي، اسان کي هڪ خاص وقت ۾ کين جواب ڏيڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته سرڪاري ادارن ۾ سڀ کان گهڻي رشوت جي شڪايتون ملي رهيون آهن، هاڻ اسان کي ڪٿي ويٺي ئي پتو پئجي ويندو ته ڪٿي ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڪهڙي وزارت ڪم ڪري رهي آهي، اهو اي گورننس سسٽم آهي، اسان عوامي راءِ سان پاليسي جوڙينداسين، پهريون ڀيرو ڪمزور طبقي وٽ آواز آيو آهي، اهو پاڪستان جي مستبقل لاءِ تمام گهڻو اهم آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان قرضن جيڪو پهاڙ ٺاهيو آهي ته ان مان نڪرڻو آهي ته سيڙپڪاري پاڪستان ۾ آڻڻي پوندي ۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن سيڙپڪار اڳيان سڀ رنڊڪون ختم ڪيون وينديون. حڪومت ۾ جيڪي ماڻهو ويٺا آهن کين احساس ٿيندو ته اسان عوام جي ٽيڪس تي ويٺا آهيون، اها هڪ تبديلي هوندي، جنهن کانپوءِ نئون پاڪستان ٺهندو ۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن ماڻهو پنهنجي حڪومت کي سپورٽ ڪندا. اسان کي علم ناهي ته پاڪستان ڪيڏو وڏو تحفو آهي، سيڙپڪار ڏسي رهيا آهن اسان کين بهترين طرز حڪمراني ڏئي سگهون ٿا، گورننس سسٽم ٺيڪ نه هئڻ سبب ڪجهه نه ڪري سگهياسين، تنهنڪري پهريون چئلينج آهي ته حڪمراني جو طور طريقو ٺيڪ ڪرڻ ئي اسان جي حڪمت عملي آهي.

جنهن کانپوءِ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته منهنجو مخالف ڌر ۾ 22 ورهين کان ڪردار هو، جيڪو مان سمجهان پيو ۽ هاڻ يقين ڏياري رهيوآهيان پاڪستان ۾ ان کان به تمام گهڻو پوٽينشل آهي، رڳو ڪرپشن رڪاوٽ آهي، دنيا جو ڪو به ملڪ، ادارا تڏهن مضبوط ٿيندا آهن جڏهن ڪرپشن جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو آهي ، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سعودي عرب کان ملندڙ پئڪيج تي ڪي به شرطون ناهن، اهي ماڻهو پاڪستان جي اسٽريٽيجڪ پوزيشن سمجهن ٿا، اسان جا وسيلا تي پري رهيا جيڪا اسٽريٽيجڪ پوزيشن آهي اها ڪنهن وٽ به ناهي. سڀ کان وڏي شيءَ اسان جا 35 سالن کان گهٽ 10 ڪروڙ پاڪستاني آهن، هي دنيا لاءِ مارڪيٽ آهي، ڪنهن  به وقت ملڪ اُٿي سگهي ٿو، ڪرپشن اڪيلي شيءَ آهي جيڪا ملڪ کي تباهه ڪري سگهي ٿي، ڪرپشن سان ئي ادارا تباهه ٿيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڏسجو توهان جي وزيراعظم کي دنيا ۾ وڃي قرض نه گهرڻو پوندو، مخالف ڌر جي انتقام وارن الزامن بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته اڃان ته اسان ڪجهه به ناهي ڪيو، اهي سڀ پراڻا ڪيس آهن پر خبردار ڪري رهيو آهيان، جڏهن اسان ڪجهه ڪنداسين ته شڪايت ايندي ته جهموريت خطري ۾ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *