Friday , March 29 2024

سڪرنڊ ويجهو مسافر ڪوچ جو چنگچي کي ٽڪر 10 پورهيت اجل جو شڪار، 4 زخمي

سڪرنڊ ڀرسان ڪوچ جو چنگچي کي ٽڪر، 10 پورهيت فوت، 4 ڄڻا زخمي، فوتين جا مڙهه ۽ زخمي هالا ۽ نوابشاهه اسپتال منتقل

سڪرنڊ (رپورٽر سنڌسماءَچار) سڪرنڊ ڀرسان تيز رفتار ڪوچ ۽ چنگچي رڪشا وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پورهيو ڪرڻ لاءِ ويندڙ 8 مزدور ٿڏي تي فوت ۽ 4 پورهيت ڦٽجي پيا، فوتي پورهيتن جا مڙهه ۽ زخمين کي هالا ۽ نوابشاهه اسپتال من تقل ڪيو ويو، سڪرنڊ ويجهو قومي شاهراهه تي ٻاروچو باغ وٽ ڪراچي کان لاهور ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار 12 پورهيتن مان 8 پورهيت ٿڏي تي فوت ۽ 4 ڄڻا ڦٽجي پيا، زخمي ٿي  پيل پورهيتن مان 2 ڄڻا اسپتال نيئندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي، اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته فوتين  مان ٻن ڄڻن جي به حالت خراب آهي.

ٻاروچو باغ وٽ پيش آيل حادثي بابت علائقي واسين ۽ حادثي واري ه تان گذرندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته حادثو ڪوچ ڊرائيور جي لاپرواهي سبب پيش آيو، تيز رفتاري سبب ڪوچ چنگچي رڪشا مٿان چڙهي ويو ۽ ڪجهه پنڌ تائين رڪشا کي گهليندي وئي.

نمرتا کي قتل ڪرڻ کان اڳ کيس جنسي ڏاڍائي جي به تصديق، موت ڳَلو گهُٽجڻ ۽ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *