Saturday , April 20 2024

ن ليگ 19 سالن کانپوءِ رستن تي، اپوزيشن جو غير معمولي احتجاج

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ن ليگ جي سربراهي ۾ قائم ڪيل پي ٽي آءِ مخالف اتحاد پاران اڄ اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو پيو وڃي، منجهند جو هڪ وڳي ڌاري رٿيل احتجاج جي سرواڻي ن ليگ جو صدر شهباز شريف ڪندو ۽ ن ليگ 19 سالن کان پوءِ رستن تي احتجاج ڪندي نظر ايندي. 25 جولاءِ تي ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلين خلاف گڏيل مخالف گڏيل ڌر جي اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ اڄ راڄڌاني شهر اسلام آباد ۾ شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.

شهباز شريف جي اڳواڻي ٿيندڙ احتجاج جي دلچسپ ڳالهه اها هوندي ته، مبينا ڌانڌلين خلاف ٿيندڙ اڄوڪي احتجاج ۾ ن ليگ لڳ ڀڳ 19 سالن کانپوءِ اقتدار کان ٻاهر هوندي رستن تي احتجاج ڪندي نظر ايندي. اڄوڪي احتجاج جي ٻي دلچسپ ڳالهه اها اهوندي ته، پاڪستان پيپلز پارٽي ن ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ احتجاجي تحريڪ جو حصو هوندي. ن ليگ ان کان اڳ 1999 ۾ پرويز مشرف پاران نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري حڪومت قائم ڪئي هئي، جنهن خلاف نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز جي اڳواڻي ۾ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد سميت ڪجهه ٻين شهرن ۾ معمولي قسم جا احتجاجي مظاهرا ڪيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *