Thursday , March 28 2024

ن ليگ لاءِ خوشخبري، خواجا آصف جي نااهلي ختم

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ خواجا آصف جي نااهلي واري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ختم ڪندي کيس عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، عدالت مختصر فيصلو ڏيندي چيو ته جلد تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويندو. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته، فيصلو تاحال نااهلي جي مڪمل خاتمي يا مدي بابت تفصيلي جو انتظار ڪرڻو پوندو، ڇو ته اهڙي ڳالهه مختصر فيصلي ۾ چٽي طرح ناهي چئي وئي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ قائم ٽن ميمبرن تي ٻڌل بئنچ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران، اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجا آصف کي نااهل قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيل تي سندس اپيل منظور ڪندي، نااهلي جو فيصلو ختم ڪرڻ جو مختصر حڪم ٻڌايو ويو. عدالت پنهنجي مختصر حڪم ۾ چيو آهي ته، خواجا آصف کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ وارو فيصلو ختم(ڪالعدم) ڪجي ٿو، خواجا آصف عام چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو. جسٽس عمر عطا بنديال مختصر فيصلوٻڌائيندي چيو ته، تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

ان سلسلي ۾ قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته، سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل مختصر فيصلي ۾ تاحال نااهلي وارو فيصلو ته ختم ڪيو ويو آهي پر اهو ناهي چيو ويو ته، نااهلي وارو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو مڪمل طور تي ختم / ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو يا تاحال نااهلي ختم ڪري نااهلي جو مدو مخصوص وقت لاءِ مقرر ڪيو وڃي ٿو. ان بابات تفصيلي فيصلو اچڻ کانپوءِ ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *