Thursday , March 28 2024

ن ليگ سنڌ ۾ اميدوارن جو اعلان، قمر راڄپر ۽ شاهه محمد شاهه به ميدان ۾ لهندا

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان مسلم ليگ ن يندڙ  عام چونڊن لاءِ پنهنجي اميدوارن جو اعلان ڪندي کين ٽڪيٽون به جاري ڪري ڇڏيون آهن، شهباز شريف، قمر راڄپر ۽ سيد شاهه محمد شاهه ميدان ۾ لهندا.سنڌ ۾ ن ليگ سنڌ ۾35 قومي  ۽ 76 صوبائي اسيمبلين جي اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ن ليگ جي صدر  شهباز شريف کي ڪراچي جي اين اي  249 تي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي.  اين اي 297 تي عبدالعزيز، اين اي 201 لاڙڪاڻو تي بابو سرفراز جتوئي، اين اي 207 سکر محمد طاهر شيخ، اين اي 211 نوشهرو فيروز قمر الزمان راڄپر کي ن ليگ جي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

  اين اي 213 شهيد بينظير آباد سيد غلام محي الدين، اين اي 214 تي مختيار ناز ڌاريجو، اين اي 215 تي محمد اسحاق قريشي اميدوار نامزد ڪيو ويو. اين اي 216 لاءِ ڄام معشوق، اين اي 218 ميرپور خاص تي غلام جعفر جوڻيجو، اين اي 219 تي چوڌري سجاد احمد، اين اي 220 تي نيلم وال جي، اين اي 223 مٽياري تي سيد شاهه محمد شاهه کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي. ن ليگ اين اي 227 صاحبزاده شبير، اين اي 229 بدين تي محمد ابراهيم، اين اي 232 لاءِ غلام عباس، اين اي 233 ڄامشورو تي ڪيسو مل عرف کيئل داس، اين اي، اين اي 236 ملير عبدالرحيم شاهه ن ليگ جو اميدوار نامزد ڪيو آهي. اين اي 237 تي زين العابدين انصاري، اين اي 238 تي سيد شاهه محمد شاهه، اين اي 239 تي رانا احسان، اين اي 241 تي رائو محمد جميل، اين اي 242 تي حاجي شرافت خان ن ليگ جو اميدوار هوندو.

اين اي 243 تي شيخ محمد شاهه جهان، اين اي 244 تي اڳو ڻو ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل، اين اي 245 تي ن ليگ پاران خواجا طارق نذير کي ٽڪيٽ جاري  ڪئي وئي.  اين اي 246 تي سليم ضياءَ، اين اي 247 تي ڊاڪٽر افنان الله خان، اين اي 248 تي سلمان خان کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي. ن ليگ  اين اي 250 تي سيد منور رضا، اين اي 251 تي فهد شفيق، اين اي 252 تي محمد ايوب خان ۽ اين اي 253 تي خالد ممتاز کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي.   اين اي 255 تي نصير الدين محمود، اين اي256 تي دوست محمد فيضي کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *