Friday , March 29 2024

ن ليگ سان متحده جي پنهنجائپ ٿيڻ شرط ڪراچي ۾ ڏوھ وڌي ويا

نوازشريف جي نااهلي بعد نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ نون ليگ پاران حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ متحده قومي موومينٽ پاڪستان سان پنهنجائپ ٿيڻ بعد ڪراچي شهر ۾ ڏوهن ۾ واڌ اچي وئي آهي. خاص طور تي بئنڪ ڌاڙن ۾ ڌڙا ڌڙ اضافو ٿيو آهي. ڪراچي هڪ ڀيرو وري ڏوهن جي تناسب ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي.

ڪراچي جي بهادر آباد واري علائقي ۾ ٻه ڏينهن پهريان ڏينهن ڏٺي جو 2 موٽرسائيڪل سوار جوابدارن هڪ ڪار سوار کان ڦرمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان شخص پنهنجي ڪار ڇڏي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي. ان تي جوابدارن ديده دليري جو مظاهرو ڪندي ڦرجڻ کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ان شخص کي بهادر آباد جي چوڪ تي پٺيان وڃي کيس ڊڪاڊڪائي تشدد جو نشانو بڻيايو جنهن بعد ان کان ڦر لٽ ڪري آرام سان ڀڄي ويا.

بهادرآباد واري ئي علائقي ۾ 3 ڏينهن اڳ ڪجح ڦورو هڪ نجي بئنڪ ۾ داخل ٿي ملازمن ۽ اتي موجود شهرين کي يرغمال بڻائي 6 لک رپين کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته بئنڪ جي آپريشن مئنيجر عبدالرحيم موتي والا ڦورن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڦورن کي تشدد ۽ بعد ۾ گوليون هڻي ماري ڇڏيو. اُهي ڦورو به آساني سان ڀڄي ويا.

سنڌ پوليس ڪراچي ۾ 3 ڏينهن دوران لڳل ڌاڙن جي جوابدارن جا فوٽو جاري ڪندي گرفتاري لاءِ سهڪار ڪندڙ کي انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته وڏي وزير واقعن تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو آهي ته ٻن ڏينهن کان ڌاڙا ۽ ڦرون ٿين پيون پر پوليس جو انٽيليجنس نيٽ ورڪ ڇا ڪري رهيو آهي. ڪراچي جي علائقي کارادر ۾ هيلميٽ پهريل جوابدار بئنڪ مان ڌاڙو هڻي ويا. کارادر ۾ بئنڪ مان لڳل ڌاڙي تي وڏي وزير، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان رابطو ڪري ساڻس ڌاڙن واقعن تي ڪاوڙ ظاهر ڪيو ۽ رپورٽ طلب ڪئي.

وڏي وزير چيو ته پوليس جو انٽيليجنس نيٽ ورڪ ڇا ڪري رهيو آهي جو هيءُ ڪهڙو گروهه ٻن ڏينهن کان ڌاڙا هڻي رهي آهي. مراد علي شاهه ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي سمورين بئنڪن، بازارن ۽ ٻين هنڌن جي سڪيورٽي سخت ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. ٻي طرف سنڌ پوليس ڪراچي ۾ 3 ڏينهن دوران لڳل ڌاڙن جي جوابدارن جون تصويرون جاري ڪندي سندن گرفتاري لاءِ سهڪار ڪندڙ لاءِ انعام جو اعلان ڪيو آهي. کارادر ۾ اوکائي مسجد ويجهو ماڻهن هڪ جوابدار کي سوگهو ڪري مارڪٽ ڪئي ۽ کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

اهڙي طرح شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن جا واقعا به ڏينهنون وڌي رهيا آهن ۽ ڪجھ عرصي سان سک جو ساھ کڻندڙ شهرين ۾ بي امني جي اهڙن واقعن بعد ڳڻتي واري لهر ڇانيل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *