Saturday , April 20 2024

ن ليگ جي آمدني هڪ ڪروڙ65لک ۽ خرچ 4 ڪروڙ ڪيا، اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

PPP flag PTI flag

اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي مالي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، نواز ليگ، پيپلز پارٽي  ۽ پي ٽي آءِ سميت مختلف پارٽين جي آمدني گهٽ ۽ خرچ وڌيڪ ڄاڻايا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل تفصيلن تحت نواز ليگ جي 2015 ۾ آمدني هڪ ڪروڙ  65 لک ۽ خرچ 4 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي، حڪمران پارٽي اجلاسن تي هڪ لک 35 هزار رپيا ۽ تفريح تي هڪ لک 45 هزار رپيا خرچ ڪيا.

اليڪشن ڪميشن موجب پيپلز پارٽي جي اثاثن جي ماليت 49 لک رپين کان وڌيڪ آهي ، جڏهن پ پ 10 ڪروڙ رپيا پيپلز پارليامينٽيرين کي منتقل ڪيا.

پيپلز پارٽي جي آمدني 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ۽ خرچ 12 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو  بئنڪ بيلنس 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي.

PML NANP flag

اليڪشن ڪميشن موجب پي ٽي آءِ 15 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اثاثن جي مالڪ آهي، جنهن 2015 ۾ 36 ڪروڙ 42 لک رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ چونڊ مهم تي 66 لک رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا.

اليڪشن ڪميشن موجب پاڪستان عوامي تحريڪ جي اثاثن جي ماليت 11لک 34 هزار رپين کان وڌيڪ آهي، جنهن جي 2015 ۾ مجموعي آمدني هڪ ڪروڙ 87 لک رپيا ۽ خرچ هڪ ڪروڙ 79 لک رپيا هئا.

 عوامي نيشنل پارٽي جي اثاثن جي ماليت 2ڪروڙ 82 لک  رپيا ، جماعت اسلامي جي اثاثن جي ماليت 10 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اثاثن جي ماليت 4 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *