Wednesday , April 24 2024

ن ليگ به ڪراچي کي ڌار صوبي جي مهم شروع ڪري ڏني، مفتاح اسماعيل سرگرم

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) ايم ڪيو ايم پاڪستان کانپوءِ ن ليگ به سنڌ جي راڄڌاني ۽ دل ڪراچي کي ڌار صوبي جي لاءِ مهم شروع ڪري ڏني آهي. اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ن ليگ جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 244 ڪراچي ايسٽ جي اميدوار مفتاح اسماعيل سنڌ کي ڌار صوبي ٺاهڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل اليڪشن مهم دوران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ تي ڪراچي کي ڌار صوبي لاءِ مهم هلائي آهي، جنهن لاءِ هن پنهنجو اسٽيٽس به رکيو آهي. جنهن هُن ڪراچي کي ڌار صوبي جي حيثيت ۾ ڏسڻ جي خواهش ڏيکاري وئي آهي ۽ عوام کان به ان بابت پڇيو آهي ته عوام جي راءِ ڇا آهي.

ان سلسلي ۾ مفتاح اسماعيل پنهنجي ڪارڪنن ذريعي اهڙي مهم کي وڌ کان وڌ ڦهلائڻ لاءِ سرگرم ڪري ڇڏيو آهي. مفتاح اسماعيل جي ڪراچي کي ڌار صوبي واري مهم بابت اڃا تائين ن ليگ سنڌ جي صدر سيد شاهه محمد شاهه جو ڪو به بيان سامهون ناهي آيو. ساڻس رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ٻڌايو ويو ته ”سائين هن وقت ڳوٺ ڀاڻوٺ ۾ آهي ۽ آرامي آهي، ان بيان تي سڀاڻي پاليسي بيان جاري ڪندو“.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *