Saturday , April 20 2024

نيٺ گندي پاڻي جي فراهمي تي پي ٽي آءِ جي ميمبر سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهايو،پ پ، فنڪشنل ۽ ن ليگ ايم پي ايز چُپ جو روزو نه کوليو

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار نيوز) ڪراچي شهر ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ تي نيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم پي اي خرم شير زمان پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ تي سنڌ اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو آهي. ساڳئي اسيمبليءَ ۾ صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ واري مامري تي پيپلز پارٽي، نون ليگ ۽ فنڪشنل ليگ جي ايم پي ايز پنهنجن تڪن ۾ پنهنجي خاموشسي کي  برقرار رکندي چُپ جو روزو اڃا ناهي کوليو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم پي اي خرم شير زمان چيو آهي ته ڪلفٽن جي شيرين جناح ڪالوني واري علائقي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ لڳايل آر او پلانٽ ۾ به صاف پاڻي نه ٿو اچي. جنهن سبب علائقي واسي صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي واپرائي رهيا آهن. خرم شير زمان جي اهڙي موقف تي صوبائي وزير سڪندرشورو چيو ته، وڏي عرصي کان برسات ناهي پئي انڪري جر جي پاڻي جي سطح هيٺ هلي وئي آهي انڪري اهو مسئلو آهي. هن چيو ته ڪوشش ڪيون ٿا ته هاڻي جر جي پاڻي بدران آر او پلانٽس کي ڪراچي ۾ سمنڊ جي پاڻي تي منتقل ڪري ان کي پيئڻ لائق بڻائجي.

ياد رهي ته سنڌ سماءَ چار وڏي عرصي کان سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ واري معاملي تي، سپريم ڪورٽ ۽ ان جي حڪم تي قائم واٽر ڪميشن جي رپورٽس کي شسايع ڪري رهي آهي. انهن رپورٽس کي سنسڌي ميڊيا جي ٻين ادارن ۾ به ڪوريج ڏني پئي وڃي. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته، پيئڻ جي صاف پاڻي واري مامري تي پ پ ، ن ليگ ۽ فنڪشنل ليگ جو ڪو به چونڊيل نمائندو، ايم پي اي سنڌ اسيمبلي ۾ آواز ناهي اٿاري سگهيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *