Saturday , April 20 2024

نيٺ سنڌ حڪومت تيل ڪمپنين پاران ملندڙ فنڊز استعمال ڪرڻ لاءِ ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ حڪومت تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران ملندڙ فنڊز خرچ ڪرڻ لاءِ سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران جوڙيل سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽيز ۾ پيپلز پارٽي جا پارليامينٽيرنز شامل، نعمان اسلام شيخ سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ندا کهڙو، ميرپورخاص ۾ ميرمنور ٽالپر ۽ سانگهڙ مان امام الدين شوقين چيئرمين مقرر، ڪمپنين پاران ملندڙ ۽ اڳ موجود فنڊ 22 ضلعن ۾ سماجي ترقي تي خرچ ڪيو ويندو، ڪمپنين پاران حڪومت کي 5 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ڏني وئي هئي، جيڪا استعمال نه ٿي هئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي جي 22 ضلعن ۾ آئل اينڊ گئس ڪمپنيز جي فنڊز جي استعمال بابت سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽيز قائم ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ صوبي جي 22 ضلعن ۾ قائم ڪيل ڪميٽيز جا چيئرمين پ پ  جا پاليامينٽيرز مقرر ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن موجب سکر ۾ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، لاڙڪاڻي ۾ ايم پي اي ندا کهڙو ۽ ميرپورخاص ضلعي ۾ ايم اين اي مير منور ٽالپر کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو. سانگهڙ مان سينيٽر امام الدين شوقين، ٿرپارڪر ۾ ايم اين اي پير نور محمد شاهه، ٽنڊو الهيار ۾ ايم پي اي ذوالفقار ستار بچاڻي، جيڪب آباد ۾ ڊاڪٽر سهراب سرڪي، خيرپور ۾ ايم اين اي نفيسه شاهه ۽ گهوٽڪي ۾ خالد احمد خان لنڊ کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽيز آئل ۽ گئس ڪمپنيز جي ٿيندڙ آمدني مان ضلعن اندر سماجي ۽ انساني ڀلائي جي ڪمن تي عمل ڪرائينديون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *