Friday , March 29 2024

نيٺ سنڌ جي وڏي وزير کي رمشا وساڻ جي قتل جي خبر پئجي وئي

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪنب ڀرسان گهر اندر بي رحمي سان قتل ڪيل نياڻي رمشان جي قتل کي 4 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير کي به نيٺ خيال اچي ويو آهي ته نينگري جي وارثن سان انصاف ٿيڻ گهرجي. چئن ڏينهن کان لاڳيتو ميڊيا خاص طور تي سوشل ميڊيا تي رمشا وساڻ جي قتل خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاري مهم کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به نيٺ معاملي جو نوٽيس وٺي ورتو آهي. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته، وڏي وزير ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل سان فون تي رابطو ڪري رمشا وساڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار سميت سمورن جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ترجمان موجب وڏي وزير مراد علي شاهه ايس ايس پي کي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته جوابدارن کي ٽن ڏينهن اندر گرفتار ڪري عدالتي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ روزاني بينادن تي رپورٽ کيس پيش ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *