Friday , March 29 2024

نيوسبزي منڊي جي واپارين جو ڪي اليڪٽرڪ جي زيادتين خلاف احتجاج

Gadap sabzi

گڏاپ (نبي بخش خاصخيلي) نيو سبزي منڊي جي واپارين جو ڪي اليڪٽرڪ جي زيادتين خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي، وپارين جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ 17 سال گذرڻ باوجود ميٽر نه ٿي لڳائي ڏئي، ڪي اليڪٽرڪ جي مافيا هر مهيني مختلف بهانن سان منڊي مان ڪروڙين رپيا ڀتو اوڳاڙي رهي آهي، مطالبا منظور نه ٿيا ته احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو.

نيوسبزي منڊي جي واپاري اڳواڻن ڪاڪا خيل، شرافت خان ۽ ٻين سنڌسماءَچار جي عيوضي سان ڳالهائيندي چيو ته سبزي منڊي جي دڪانن جو قبضو 2001 ۾ ڏيڻ وقت دڪاندارن ۽ ٺيڪدارن بجلي جا ميٽرز لڳائي ڏيڻ لاءِ في دڪان جي حساب سان 15 هزار رپيا وصول ڪيا هئا انهن اڃا تائين ميٽر نه لڳايا آهن. هنن ٻڌايو ته پر مارڪيٽ ڪاميٽي جي انتظاميا به سندن مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. واپارين جو چوڻ هو ته ميٽر لڳائڻ ۾ ڪي ايلڪٽرڪ جي انتظاميا جا ڇاڙتا ۽ انتظاميا جا ڪجهه ماڻهو مافيا بڻجي ويا آهن جيڪي ميٽر لڳائڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي به ساڻن ٻِٽُ بڻيل آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته کين بجلي جا ميٽر لڳائي ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي هيڊ آفيس سميت لاڳاپيل اختيارن جي آفيسز جو گهيراءُ ڪنداسين، جنهن جا ذميوار اُهي پاڻ هوندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *