Wednesday , April 24 2024

نيب ۾ هلندڙ ڪيس اينٽي ڪرپشن ڏانهن منتقل ڪيو:سنڌ سرڪار جو نيب چيئرمين کي خط – نيب جي خاتمي وارو بل چئلينج

سنڌ حڪومت نيب جي چيئرمين کي خط لکي چيو آهي ته، نيب ۾ سنڌ حڪومت جيص صوبائي کاتن جا هلندڙ سمورا ڪيس ۽انڪوائريز، اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ سنڌ ڏانهن فوري طور تي منتقل ڪيا وڃن. سنڌ سرڪار پاران لکيل اهڙي خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي پاران نيب قانون ختم ڪرڻ وارو بل منظور ڪيو هو جيڪو هاڻي قانون بڻجي ويو آهي. ان بابت سنڌ سرڪار پاران نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، انڪري هاڻي نيب ۾ هلندڙ صوبائي کاتن جي ڪرپشن جا سمورا ڪيس اينٽي ڪرپشن کي منتقل ڪيا وڃن.

اسلام آباد: نيب جي خاتمي وارو بل سپريم ڪورٽ ۾ چئليج

سنڌ اسيمبلي مان منظوري بعد گورنر کي اماڻيل بل جي مقرر 10 ڏينهن وارو مدو مڪمل ٿيڻ بعد قانون واري کاتي سنڌ احتساب ايڪٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد اهو قانون جي صورت ۾ صوبي اندر لاڳو ٿي ويو آهي، سنڌ احتساب ايڪٽ جو نوٽيفڪيشن ٿيڻ بعد ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن سکر جي جنرل سيڪريٽري نثار ڀنڀرو آئيني درخواست داخل ڪندي سنڌ احتساب ايڪٽ کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. درخواست گذار سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته، نيب جو قانون وفاقي سرڪار جو قانون آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ به وفاقي حڪومت جي ئي اختيار ۾ آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته، آئين جي آرٽيڪل 143 تحت نيب قانون کي ختم ڪرڻ جو اختيار ڪنهن به صوبائي حڪومت کي نه پر صرف قومي اسيمبليءَ کي آهي. درخواست گذار جي استدعا آهي ته سپريم ڪورٽ ظفر علي شاهه ڪيس ۾ نيب قانون کي تسليم ڪري چڪي آهي، سنڌ جي نئين قانون کي غيرآئيني، غيرقانوني ۽ بنيادي انساني حقن جي خلاف قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت سنڌ اسيمبلي جي نئين قانون تي فوري عملدرآمد روڪڻ جو حڪم جاري ڪري.

ٻي طرف سنڌ جي قانون واري کاتي سنڌ اسيمبلي مان ايڪٽ جي منظوري بعد نيب آرڊيننس 1999 جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان نئون قانون لاڳو ٿي ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب نيب کي سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ڇاپن سميت ڪرپشن جي جاچ نه ڪرڻ جو اختيار نه هوندو، نه ئي وري کيس ڪنهن جوابدا کي حراست ۾ وٺڻ جا اختيار هوندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *