Friday , April 19 2024

نيب ڪرپشن ختم نه پر ڀتو اوڳاڙِ رهيو آهي: مراد علي شاهه جو انڪشاف

CMNAB logo

ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب کي ڀتو اوڳاڙيندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته احتساب بيورو (نيب) ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قائم ڪيو ويو هو پر اُهو ان ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، نيب ڪرپشن ختم ڪرڻ بدران ڀتو اوڳاڙي رهيو آهي.

وڏي وزير پ پ ميڊيا سيل ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس چيو ته، اڳوڻي صدر پرويز مشرف 1999ع ۾ ايمرجنسي دوران سياسين ڌرين کي نشانو بڻائڻ لاءِ نيب جو قانون لاڳو ڪيو هو ۽ جڏهن نيب جو قانون پيش ڪيو ويو ته ان بابت تفصيلي بريفنگ پڻ نه ڏني وئي هئي. نيب ڪرپشن کي ختم ته نه ڪري سگهيو آهي پر، اهو سرڪاري آفيسرن کان ڀتو اوڳاڙي رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته نيب بابت سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته اهو دفن ٿي چڪو آهي. مراد علي شاهه اه به دعويٰ ڪئي ته نيب کي 17 هين ترميم هيٺ تحفظ مليل هو پر 18 هين ترميم کانپوءِ اهو ختم ٿي ويو آهي.

وڏي وزير چيو ته سنڌ جي گورنر نيب جو قانون ختم ڪرڻ واري بل تي جيڪي اعتراض لڳايا آهن اهي ڪي نوان نه آهن پر انهن تي آئون اسيمبلي ۾ ڳالهائيندس. گورنر کي بل واپس ڪرڻ جا اختيار ضرور آهن، محمد زبير سنڌ جو گورنر هوندي به ان کي صوبي جي مفادن جو ڪو خيال نه آهي.

ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو نازڪ آهي، جنهن جو اسان کي پورو پورو احساس آهي، سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ڪري رهيا آهيون پر اهي سڀ مسئلا آر بي او ڊي جي ڪري ٿي رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *