Friday , March 29 2024

نيب ڪراچي جي اڳوڻي ڪمشنر ۽ ائڊمنسٽريٽر سوڌو 15 بيوروڪيٽس خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب ڪراچي ۾ سرڪاري زمينن جي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪر وڪرو ڪرڻ وار ڪيس جو ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ريفرنس ۾ روشن شيخ، لالا فضل الرحمان ۽ شوڪت جوکيو سميت 15 آفيسرز جوابدار طور نامزد. نيب ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملير سميت ڪراچي جي مختلوف علائقن ۾ سرڪاري زمينن جا کاتا تبديل ڪري ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث 15 اهم بيوروڪريٽس خلاف ڪرپشن ريفنرس داخل ڪيو ويو آهي. نيب جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، ڪراچي جي اڳوڻي ڪمشنر روشن علي شيخ، اڳوڻي ائڊمنسٽريٽر لالا فضل الرحمان، ملير جي اڳوڻي ڊي سي شوڪت جوکيو، اڳوڻي سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڦل، نديم کوکر سميت 15 بيوروڪريٽس ۽ عملدارن کي ڪرپشن ريفرنس ۾ جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته، جوابدارن ملير جي مختلف علائقن ۾ 265 ايڪڙ سرڪاري زمين غير قانوني طريقي سان الاٽ ڪئي هئي. زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ سان خزاني کي اربين رپين جو نقصان پهتو. نيب جي ترجمان چيو ته غيرقانوني طور زمين حاصل ڪندڙ صنعتڪار سميت چار جوابدار اڳ ۾ ئي گرفتار ٿيل آهن.

صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ جي پروٽوڪول اسڪواڊ جي گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *