Thursday , March 28 2024

نيب کي ڪم جاري رکڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪيو:سنڌسرڪارجي هاءِ ڪورٽ کي درخواست

Sindh High Court buld

سنڌ سرڪار نيب آرڊيننس جي خاتمي واري قانون بعد سنڌ هائيڪورٽ پاران نيب کي ڪم جاري رکڻ واري حڪم تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت پاران داخل ڪرايل درخواست تي عدالت وفاقي سرڪار سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، ٻڌڻي 11 هين سيپٽمبرتي ٿيندي.

سنڌ حڪومت نظرثاني درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته آئيني تحفظ سبب عدالت اسيمبلي جي ڪارروائي جا تفصيل طلب نٿي ڪري سگهي.

چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ سنڌ هائيڪورٽ جي فل بينچ نيب کي ختم ڪرڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. 16 آگسٽ تي نيب کي ڪم جاري رکڻ واري حڪم خلاف سنڌ هائيڪورٽ ۾ نظرثاني جي درخواست ايڊووڪيٽ جنرل داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته آرٽيڪل 69 ۽ 127 تحت پارليامينٽ جي ڪارروائي کي تحفظ حاصل آهي، عدالت اسيمبلي جي ڪارروائي جا تفصيل نٿي گهرائي سگهي.

نظرثاني درخواست تي عدالت وفاق، نيب توڙي درخواست گذارن کي نوٽيس جاري ڪري 11 سيپٽمبر تائين جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي نيب کي جيڪي انڪوائريز هلي رهيون آهن، اهي جاري رکڻ جو حڪم برقرار رکيو.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل پيش ٿي سنڌ ۾ نيب کي ختم ڪرڻ خلاف داخل درخواستن جي حمايت ڪندي چيو ته نيب کي ڪم جاري رکڻ گهرجي.

سنڌ ۾ نيب کي ختم ڪرڻ واري قانون خلاف پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ ۽ ٻين عدالت ۾ درخواستون داخل ڪرايون هيون، جنهن تي عدالت نيب کي درخواستن جي فيصلي تائين سنڌ ۾ ڪم جاري رکڻ هدايت ڪندي چيو هو ته حتمي رپورٽ پيش نه ڪئي وڃي.

سنڌ هائيڪورٽ نيب کان انهن ايم پي ايز ۽ ڪامورن جي لسٽ به طلب ڪئي هئي، جيڪي نيب جي جاچ کي منهن ڏئي رهيا آهن، عدالت بل منظور ڪرڻ کان اڳ اسيمبلي ۾ ٿيل بحث جا نقطا به طلب ڪيا هئا، جنهن تي سنڌ سرڪار جي پاران ايڊووڪيٽ جنرل اعتراض واريندي فيصلي تي نظر ثاني جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي .

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *