Friday , March 29 2024

نيب چيئرمين شرجيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عاصم جي ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: ( سنڌسماءَچار نيوز) نيب چيئرمين پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين جي ڪيسز جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته ڪنهن صوبي يا شخص سان امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو، شرجيل ۽ عاصم جي ڪيسز جو جائزو وٺنداسين ته انهن جي ڪيسز بابت نيب تي لڳايل الزامن ۾ سچائي آهي يا نه؟.

اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اداري جي پراسيڪيوشن جي ڪارڪردگي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيب چيئرمين شرجيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عاصم جي ڪيسز جو رڪارڊ طلب ڪيو. نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته شرجيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عاصم جو رڪارڊ طلب ڪيو آهي، جوابدارن خلاف ڪيسز جي قانون جي تقاضن موجب جاچ ڪئي ويندي ۽ نيب طرفان ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪئي ويندي.

جاويد اقبال چيو ته ڪنهن صوبي يا شخص سان امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو، ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جا اختيار عدالت وٽ آهن. نيب چيئرمين چيو ته هُن وقتي چيف جسٽس طور به چيو هو ته انصاف سڀني لاءِ آهي، هاڻي نيب چيئرمين جي حيثيت سان چوان ٿو ته سڀني لاءِ احتساب ٿيندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *