Friday , March 29 2024

نيب پاران سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنز سان لاڳاپيل چونڊيل نمائندن خلاف جلد جاچ شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اصغر آزاد – سنڌسماءَچار) نيب پاران موجوده ۽ اڳوڻن چونڊيل عوامي نمائندن خلاف ڪرپشن ۾ سڌي ريت ملوث هجڻ، آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ وارن الزامن جي جاچ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته، جاچ جي شروع ڪرڻ چيئرمين نيب کان جيئن ئي منظوري ملندي ته جاچ شروع ڪئي ويندي.

سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ موجب، نيب پاران سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن سان لاڳاپيل اڳوڻن ۽ موجوده چونڊيل نمائندن، ڪامورن ۽ سياسي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جي ڪرپشن بابت رپورٽ نيب اختيارين کي اماڻي وئي آهي. اهڙين رپورٽن تي نومبر جي پهرئين هفتي ۾ نيب جون لاڳاپيل اختيار غور ويچار ڪنديون. ذريعن موجب 15 نومبر تائين ڪرپشن جي انهن ڪيسز جي جاچ جي منظوري ڏني ويندي جنهن بعد وڌيڪ ڪارروايون شروع ڪيو وينديون.

سنڌ سماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، نيب سنڌ جي اختيارين پاران ڪرپشڻن جي جاچ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي 18 کان وڌيڪ موجوده ۽ اڳوڻا چونڊيل عوامي نمائندا، ڪامورا ۽ انتهائي بااثر شخصيتون به شامل آهن. جن مان ڪجهه خلاف شڪايتون رجسٽرڊ ٿيل آهن ۽ ڪجهه خلاف نيب پاڻمرادو جاچ جو فيصلو ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *