Tuesday , April 23 2024

نيب سکر ۾ وڏي گڙٻڙ آهي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

نيب سکر ۾ وڏي گڙٻڙ آهي،پنج ڪروڙن جي ڪرپشن، پلي بارگي ڪري 5 هزار ڏيو ۽ بس!: چيف جسٽس احمد علي شيخ

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته، 5 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪري 5 هزارن جي پلي بارگين ڪيو ۽ بس قصو ختم، سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن جا گٽر اٿليل آهن، رستان جي حالت خراب ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ٿو ملي پر نئب جو ڪم هلي پيو ۽ ڪرپٽ ماڻهن جو به. چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران يب جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته سنڌ جي ننڍي وڏي شهر جون حالتون خراب آهن، رستن جي حالت بدترين آهي، گٽر اُٿلي رهيا آهن، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ناهي، ڪرپشن ڪندڙن جو ڪم هلي رهيو آهي ۽ نيب جو به ڪم هلي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته نيب وارا آفيسز ۾ ويهي ڪم ڪري رهيا آهن، واقعي واري هنڌ ويندا ئي نه آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته نيب جا جاچ آفيسر جاچ جي اهل ئي نه آهن، چيف جسٽس نيب جي جاچ آفيسر سان مخاطب ٿيندي چيو ته هينئر ئي ڪيس ميمو ٺاهي ڏيو، توهان کي ڪجهه ايندو به آهي يا نه، يا سڄو ڪم ڪنهن ٻئي کان ڪرائيندا آهيو. نيب آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته تعليم کاتي ۾ ڪرپشن جي معاملي تي هڪ جوابدار پلي بارگين جي درخواست ڏني آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪروڙين رُپين جي ڪرپش ڪندڙ کا 5 هزار رُپيا رضاڪاراڻي نموني واپس وٺي ڇڏيا، پنج هزار رُپيا به ڪا رقم آهي، سڀ کان وڌيڪ گڙٻڙ نيب سکر ۾ آهي، سالن کان جاچ هلندي آهي، ڪيترائي جاچ آفيسر تبديل ٿيندا آهن ۽ پوءِ ملندو ڪجهه به ناهي. عدالت نيب سکر ۾ رولڙي جي ور چڙهيل سمورين انڪوائريز جا مڪمل تفصيل طلب ڪري ورتا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *