Saturday , April 20 2024

نيب سيد صبغت الله شاهه (پيرپاڳارو) ۽ اڪبر شاهه راشدي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽر      سنڌسماءَچار) نيب فنڪشنل ليگ ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سربراهه پير پاڳارو سيد صبغت الله شاهه ۽ اڳوڻي انجنيئر اڪبر شاهه راشدي سميت بورڊ آف روينيو جي آفيسرز خلاف 21 ڪروڙ 20 لک رپين جي مبينا ڪرپشن جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پير پاڳاو ۽ ٻين تي ڪراچي ۾ غير قانوني طريقي سان سرڪاري زمين وڪرو ڪرڻ وارن الزامن جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ اندر ڪرپشن جي هلندڙ ڪيس ۽ ڪرپشن الزامن جي شڪايتن جو جائزو ورتو ويو. نيب ترجمان موجب اجلاس ۾ پير پاڳارو سيد صبغت الله شاهه ۽ بورڊ آف روينيو ڪورنگي ڪراچي جي آفيسرز خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي.

اڪبر شاهه راشدي- سنڌسماءَچار فوٽو

نيب ترجمان موجب پير صبغت الله شاهه راشدي ۽ ٻين اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي غيرقانوني طور سرڪاري زمين ڪراچي ۾ ڊفينس ويو هائوسنگ اسڪيم واري زمين وڪرو ڪئي. زمين جي غير قانوني وڪري سان قومي خزاني کي 212 ملين رپيا گهاٽو ٿيو. نيب جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پير صبغت الله شاهه راشدي ۽ ٻين تي غيرقانوني طور ڊيفنس ويو سوسائيٽي ڪراچي جي ايراضي الاٽ ڪرڻ ۽ غيرقانوني طور اڏاوت جا به الزام آهن جنهن سبب قومي ناڻي کي 212 ملين رپين جو نقصان ٿيو. ايگزيڪيوٽو اجلاس ۾ چيف انجنيئر اڪبر شاهه راشدي ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر فار ورڪس اينڊ سروس ڊپارٽمينٽ حيدرآباد ۽ ٻين خلاف ڪرپشن جي الزامن جي جاچ جي منظوري ڏني وئي. نيب اجلاس ۾ مقامي مڪاني ادارن واري کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين، مقررين ۽ غير قانوني ترقين جي جاچ جي به جاچ جي منظوري ڏني وئي. ترجمان جو چوڻ هو ته ايگزيڪٽو اجلاس ۾ اڳوڻي اي آءِ جي بلوچستان عبدالقدير ڀٽي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام هيٺ جاچ جي منظوري ڏني وئي.

نيب ترجمان موجب اجلاس ۾ عوام جي شڪايتن تي ملڪ جي مختلف سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن جي جاچ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ڪرپشن هڪ ڪينسر جيان آهي ان جو خاتمو تمام ضروري آهي. هن چيو ته سمورين شڪايتن جي جاچ پڙتال، انڪوائريون ۽ انويسٽي گيشنز کي قانون، ميرٽ، شفافيت ۽ ٺوس شاهدين جي بنياد تي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. نيب چيئرمين چيو ته “احتساب سڀني لاءِ” واري پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهيون، ملڪ مان ڪرپشن جو مڪمل خاتمو آندو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *