Saturday , April 20 2024

نيب جا صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ سندس مبينا فرنٽ مين جي گهرن تي ڇاپا

نيب کي ڇاپن دوران ڪجهه به ناهي مليو، منهنجي خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن: سهيل انور سيال

لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو  سنڌ سماچار) نيب آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتن واري ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، نيب سکر جي ٽيم سهيل انور سيال جي فريد آباد واري بنگلي، ۽ سندس مبينا فرنٽ مين اسد کرل جي بنگلن تي ڇاپا هڻي اهم دستاويز هٿ ڪري ورتا آهن، نيب ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سهيل انور سيال جي ملڪيتن ۽ بئنڪ ٽرانزيڪشنز بابت اهم دستاويز هٿ ڪيا ويا آهن. نيب سکر جي ٽيم مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ پوليس اٽالن سان گڏ صوبائي وزير سهيل انور سيال، سندس جي ڀاءُ طارق سيال ۽ سندس فرنٽ مين سمجهيو ويندڙ اسد کرل جي فريد آبا ۽ لاڙڪاڻي وارن گهرن تي ڇاپا هڻي اهم دستاويز تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن، نيب  ذريعن موجب هٿ ڪيل دستاويزن جو مشير نامو به تيار ڪيو ويو آهي. نيب جي ٽيم اربع ڏينهن صبح جو ڪيل ڪارروائي دوران هٿ ڪيل دستاويزن ۽ ٻي معلومات جي بنياد تي اربع ۽ خميس جي وچ واري رات جو ديسر ٻيهر ڪارروائي ڪندي علي آباد واري بنگلي تي ڇاپو هنيو.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته نيب سهيل انور سيال جي ڀاءُ طارق سيال کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا ٻاهر نڪري اچڻ سبب پوليس اٽالن سان گڏ آيل نيب ٽيم واپس رواني ٿي  وئي. ان کان اڳ نيب سکر جي ٽيم جا صوبائي وزير سهيل انور سيال جي ٻن گهرن ۽ سندس مبينا فرنٽ مين اسد کرل جي گهر تي ڇاپا هنيو هو. گهرن جي مختلف حصن جو جائزو وٺڻ بعد اهم رڪارڊ تحويل ۾ ورتو هو، نيب سکر جي ٽيم اسد کرل جي گهر تي ڇاپي دوران گهرڀاتين کان پُڇاڳاڇا بعد اهم رڪارڊ تحويل ورتو هو. ڇاپن دوران نيب جي ٽيم سان گڏ ليڊي پوليس اهلڪار به موجود هيون، نجي ٽي چئنل سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته نيب کيس انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻائي رهيو آهي، فريد آباد واري جنهن گهر تي ڇاپو هنيو ويو، اهو سندس مرحوم والد جو گهر آهي ۽ ايف بي آر ۾ اُن جو رڪارڊ به موجود آهي، پارٽي قيادت ۽ وڪيلن سان صلاح مشورن بعد نيب خلاف قانوني دڳ اختيار ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *