Friday , April 19 2024

نون ليگ جو اڳواڻ احسن اقبال به گرفتار ٿي ويو

نيب نون ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نيب نون ليگ جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال کي به گرتار ڪري ورتو، اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪري رماڻ ورتو ويندو، ڊاڪٽرن کيس صحتمند قرار ڏئي ڇڏيو، نيب ترجمان چيو آهي ته احسن اقبال کي نارووال اسپورٽس ڪمليڪس منصوبي ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو آهي. نيب راولپنڊي طرفان اڄ نواز ليگ ايم اين اي کي طلب ڪيو ويو هو، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته احسن اقبال کي نيب آفيس مان ئي گرفتار ڪيو ويو، نيب چيئرمين طرفان اڳ ئي گرفتاري وارنٽ جي منظوري ڏني وئي هئي، پر اُن کي ڳُجهو رکيو ويو. واضح رهي ته نواز ليگ ايم اين اي احسن اقبال ڪجهه دير اڳ ميڊيا سان ڳالهين دوران نيب تي تنقيد ڪئي ۽ چيو هو ته طلبي نوٽيس انتقام جو حصو آهي. احسن اقبال چيو هو ته، نيب ۽ حڪومت جي ملي ڀڳت پڌري ٿي چڪي آهي، اپوزيشن خاص طور تگي  نون ليگ کي خاموش ڪرائڻ لاءِ انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، پر اسان ڊڄڻ وارا ناهيون

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *