Thursday , April 18 2024

نون ليگ ترجمان مريم اورنگزيب جو اسد عمر ۽ فواد چوڌري بابت اهم انڪشاف

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نون ليگ جي تگرجمان ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري بابت انڪشاف ڪيو آهي ته، آمريڪا جي فنانس سيڪرٽري اسد عمر سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جي ناڪام پرڏيهي پاليسي تي پردو رکڻ لاءِ فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪري نون ليگ جي قيادت خلاف زهر اوڳاڇيو آهي. فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ظاهر ڪندي ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته، ناڻي واري وزير اسد عمر سان آمريڪا جي دوري دوران آمريڪي فنانس سيڪريٽري اسد عمر سان ملڻ کان انڪار ڪيو ۽ حڪومت کي سفارتي سطح تي ناڪامي ٿي. هن چيو ته، پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ فواد چوڌري کان پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي. هن وزيراعظ عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته، عمران خان توهان ڇو پنهنجي ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڪمپني جي واتان پنهنجي ۽ وزيراعظم جي عهدي جو مذاق اڏائيندا آهيو. هن چيو ته ملڪ ۾ ترقي جي شرح اڌ ۽ مهانگائي ٽيڻ تي وڌي وئي آهي. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته، موجوده حڪومت جي ڪارنامن ۽ غلط پاليسين جي نتيجي ۾ ملڪ تي روزانو 16 ارب قرض وڌي رهيو آهي، بجلي 25 سيڪڙو ۽ گئس 150 سيڪڙو مهانگائي ٿي وئي آهي، سوال ڪيو وڃي ته وزيراعظم جو اعلان آهي جيڪو سوال ڪندو ان جي زبان بندي يا کيس جيل ۾ وڌو ويندو، پارليامينٽ ۾ سوالن جي خوف کان پارليامينٽ کي مفلوج بڻايو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *