Saturday , April 20 2024

نوشهروفيروز: صحافين خلاف رڻ ٻاريندڙ پوليس عدالتي حڪم کي ردي جو ڪاڳر سمجهي اڇلائي ڇڏيو، قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب

ڪجھ هفتا اڳ پوليس ڀريا سٽي واري علائقي ۾ هٿ ٺوڪئي مقابلو ڄاڻائي شاگرد کي مارڻ جو ڪيس عدالتي حڪم باوجود داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.  ڀريا پوليس، نوشهرو فيروز ضلعي جي ايڊيشنل سيشن جج عنايت الله ڀٽو جي عدالت پاران حڪم جاري ڪيو ويو هو ته، ڀريا پوليس پاران مقابلي ۾ ماريل شاگرد شفيق سولنگيءَ جوقتل داخل ڪيو وڃي.

مقتول شاگرد جي امڙ مسمات وزيران سولنگي ۽ ٻيا وارث عدالت جو حڪم نامو کڻي نوشهروفيروز ٿاڻي تي پهتا ته ايس ايڇ او منعيم لاڙڪ وارثن کي ڏسي لڪي ويو. وارثن پاران جڏهن ٿاڻي جي عملي کي عدالتي حڪم ڏيکاري ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو ته، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي فريادين کي موٽائي ڇڏيو.

نوشهروفيروز پوليس پاران عدالتي حڪم نامي باوجود به مقتول نوجوان شفيق سولنگيءَ جي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيل ڀريا پوليس جي ايس ايڇ او عبدالله اعواڻ، سپاهي موسيٰ سولنگي ۽ 4 نامعلوم پوليس اهلڪارن تي ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف مقتول نوجوان جا وارث سراپا احتجاج آهن. وارثن پاران مقتول شاگرد جي امڙ وزيران سولنگيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقتول شاگرد جي امڙ مسمات وزيران سولنگي چيو ته عدالت مان کيس انصاف جي اميد آهي پر پوليس سندس پٽ جو ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي ان ڪري پنهنجي پٽي ڀائين تي ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ ٽال مٽول ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هوءَ پٽ جي قتل خلاف جدوجهد جاري رکندي ۽ سندس پٽ جي قتل ۾ ملوث اهلڪارن کي سزا ڏياري دم پٽيندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *